مئخانو  يا  موت خانو؟؟

    لکندڙ ۽ موڪليندڙ: عبدالعزيز منڱريو 

اڄ سندس ٽيجهي جي دعوت هئي ۽ مان به هن جي ننڍي ڀاءُ جو دوست هجڻ ڪري سندس ٽيجي جي دعوت ۾ شامل ٿيس، پر هن جي پاڻ به مون سان ٿوري گهڻي دعا سلام هئي، ڪجهه دير ۾( تڏي ) تي ويٺل سڀ ماڻهو اٿي بيٺا ۽ مان به انهن کي ڏسي بيهي رهيس ڪنهن چيو ته ( سائين اچي ويو)  ۽ مون ان (سائينءَ) کي ڏٺو ته منهنجي سامهون هن غريب جو موت ۽ ان جي پٺيان جا ڪردار سامهون اچي ويا ،

اها صرف ڪجهه سال اڳ جي ڳالهه آهي ته اسان جو هي دوست جيڪو هاڻي هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو آهي، هو ڪڏهن ڪڏهن ڪرڪيٽ راند کيڏڻ پنهنجي ڀاءُ سان گڏ ايندو هيو ۽ هو هڪ شاندار شخصيت جو مالڪ هيو جنهن کي ڪو به ڏسي ڪري حسرت ۾ پئجي ويندو هيو هو عام نه هو پر هو ته هڪ خوبصورت نوجوان هو جنهن اڃان صرف پنهنجي عمر جي 23 سالن جي ڏاڪي تي قدم رکيو هو ۽ پڙهائيءَ ۾ به هوشيار ۽ راندين جو شوقين ۽ هر ڪنهن سان بهترين رويي سان پيش ايندڙ نوجوان هو جيڪو پنهجي ٽن ڀائرن ۾ سڀ کان وڏو ۽ پنهنجي پيءُ جو پڳدار پٽ هو.

هن جي والد جو صرف اهو ئي خواب هو ته کيس پڙهائي لکائي وڏو ماڻهو بنايان، پر کيس خبر نه هئي ته هن جا اهي خواب سندس خواب ئي رهجي ويندا، ۽ هو انهن خوابن کي ڪڏهن به عملي جامون نه پهرائي سگهندو.

خير اهو هن جي زندگيءَ جو شايد 19 سال هو جڏهن هن کي ڪنهن دوست چيو ته هل يار ته (سائين) جي اوطاق (مئخاني) تي ٿا هلون اتي راڳ رنگ ٿيندو آهي ۽ ڳائڻ وڃائڻ وارا ايندا آهن ڏاڍو مزو ايندو آهي.

ها سائين جي اوطاق يا (مئخاني) جو حال به ٻڌو، اِهو اوطاق جي نالي تي هر قسم جي براين جو اڏو هو جتي توهان کي هر قسم جا موالي جهڙوڪ، ڀنگ جا موالي، چرس جا موالي، ۽ ان کان علاوه تمام گهڻي تعداد ۾ هيروئن جا موالي نظر ايندا، انهيءَ جو اهو ئي سبب آهي ته توهان کي ان اوطاق (مئخاني) تي هر قسم جو نشو پتو آسانيءَ سان ملي ويندو، ۽ ان کان علاوه تمام گهڻي جوا به اتي هلندي هئي، ۽ مان سمجهان ٿو ته اهڙيون اوطاقون يا (مئخانا) توهان کي سنڌ جي تقريبن هر ننڍي وڏي شهر ۽ ڳوٺن ۾ آسانيءَ سان ملي وينديون.

پر هن غريب کي ڪهڙي خبر ته هو پنهنجي برباديءَ جي شروعات ڪري رهيو آهي ۽ ان کان پوءِ هو اتي روز وڃڻ لڳو ۽ پهريان پهريان هن اتي سگريٽ، ڀنگ ۽ ان کان پوءِ هن چرس ۽ آخر ۾ هيروئن پيئڻ شروع ڪئي ۽ ڪجهه ئي ڏينهن اندر هن پنهنجي ئي گهر ۾ تباهي آڻي ڇڏي ۽ گهر جي هر هڪ شيءِ کڻي وڃي وڪڻي ۽ انهن پيسن مان (سائين) جي اوطاق (مئخاني) تي وڃي هيروئن پيئندو هو ۽ پنهنجي زندگي تباهه ڪندو هو شروع ۾ ته هن جي پيءُ هن کي تمام گهڻو سمجهايو ۽ ايتري قدر جو پنهنجي ئي پڳدار پٽ کي پنهنجي گهر ۾ ٻڌي ڇڏيندو هو پر هو ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان گهران ڀڄي وڄڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو هو، ۽ هڪ ڏينهن هن کي پنهجي ئي گهر وارن گهر مان ڪڍي ڇڏيو ۽ هو ڳوٺ ڇڏي اچي پنهنجي ڳوٺ جي ويجهو هڪ ننڍڙي شهر ۾ رهڻ لڳو ۽ هن پنهنجو مسڪن هڪ ويران پيل اسڪول جي عمارت کي ٺاهيو. هو روزانو شهر مان پنهنجي روزي روٽيءَ ۽ نشي پتي جو بندوبست ڪندو هو، مون هن کي هڪ ڏينهن ڏٺو ته هو منهجي سڃاڻ کان ٻاهر هو مون سمجهيو ته شايد هي اُهو نه آهي پر هي اِهو ئي اسان جو دوست هو جيڪو صرف ڪجهه سال اڳ پنهنجي سڀني دوستن کان وڌيڪ خوبصورت ۽ تندرست هو.

پر هاڻي هو انهن سڀني کان تمام پري هو، هڪ ڏينهن هن جو ننڍو ڀاءُ مون کي رستي ۾ مليو ۽  مون کيس سندس وڏي ڀاءُ جو حال ٻڌايو، ته هن چيو ته هن کي پنهنجي حال تي ڇڏي ڏيو ۽ هن اها پارت به ڪئي ته منهنجي ڀاءُ کي ڪڏهن ڪڏهن ماني کارائيندو ڪر، ۽ پوءِ مان هن کي ڪڏهن ڪڏهن ماني به کارائيندو هيس پر کيس انهن سڀني براين کان پري رکڻ  منهنجي وس ۾ نه هيو.

هڪ ڀيرو هو مونکي ڪافي ڏينهن تائين نظر نه آيو مون سوچيو ته شايد ڪنهن ٻئي شهر هليو ويو هجي، پر ڪجهه ڏينهن کان پوءِ خبر پيئي ته سندس انتقال ٿي ويو آهي ۽ سندس ٽيجهي جي دعوت اڄ آهي سو مان به وڃي پهتس،

پر اتي موجود ان ( سائينءَ)  کي ڏسي حيران ٿي ويس جنهن جي ڪردار ۽ ڪمن جي خبر اتي موجود سڀني دوستن کي هئي ايتري قدر جو مرحوم جي والد کي به خبر هئي ته سندس پڳدار پٽ جي موت جو اصل جوابدار ڪير آهي؟ پر ان هوندي به هو ان (سائينءَ) کي تمام گهڻي عزت ڏيئي رهيا هئا. مون اهو سمورو لقاءُ ڏٺو پئي پر ٻين وانگر دنيا کان لڪائي نه سگهيس، سو هن ويب سائٽ جي ذريعي توهان سڀني تائين اماڻي رهيو آهيان ۽ اها اميد ٿو ڪريان ته توهان سڀ دوست پنهنجو ۽ پنهنجي آل اولاد جو خيال رکندئو ته ڪٿي توهان يا توهان جي اولاد ڪنهن ( سائينءَ ) جي اوطاق ( مئخاني)  يا وري هيئن چئجي ته موت خاني ڏانهن وڃڻ ته شروع نه ڪيو آهي؟

         منهنجي توهان سڀني دوستن کي اها ننڍڙي گذارش آهي ته هن برائيءَ جي خلاف آواز اٿاريو نه ته ايندڙ ڪجهه ئي سالن اندر اسان جي سموري قوم هر قسم جي نشي ۾ مبتلا ٿي ويندي ۽ خدا نه ڪري ته وري ڪو دوست هيروئن جهڙو برو نشو ڪري پنهنجي زندگيءَ جو ڏيئو ئي وسائي ڇڏي.

Contact Us:
+92-332-3895458


هوم پيج

 ڀليڪار
 تعارف
 ايڊيٽوريل
 ڪالم
 خبرون
 تصوير ڳالهائي ٿي
 سنڌ جو ڪيس
 تاريخ
ڪتاب
 ادب
مضمون
 ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر . . .
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
 مواد موڪليو


ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

معاون ايڊيٽرز:

عبدالعزيز منگريو
ديدار علي ڌاريجو

 


www.sundarhost.com

 

sindh,Pakistan,E-books,Free E-Books,
Library,Earn Money,اسلام، عورت، تصاوير,
islam,islamic books,urdu ,poetry,
urdu stories,urdu novels,urdu forum,
urdu cummunity,urdustan,urdupoint.com,
urduone.net,sindhi fonts,english fonts,
corel draw tutorial,Adobe Photoshop tutorials,SindhuDesh,Free Sindh,
bbcurdu.com,bbc urdu,tutorials,
urdupoint.com,urdu news,web designing,
webdesigning,urdu forum,make
your own website,website templates,easy to
make website,easy website,
free web designing,free web hosting,
rdu writers, Urdu Adab,urdu litrature,
indian litrature,history of india,
pakistan and india,war between
 pak & india,iraq war,Google adsense,earn money online,online banking,earn $,$$,

earn money, google, shadi,health,child,children,
insurance,Indian Music,apniisp,isp,domain name,web hosting,
marriage,student loans,scholarship,national songs,cia

science,technology,mobile,sms,indian sms,funny sms

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  editor@voiceofsindh.net