قصو هڪ بي بها نسخي جو

   ليکڪ: منظور ڪوهيار           موڪليندڙ: بالاچ حسين

”اڳتي ڇا ٿيندو؟“

اهو سوال عموماً توهان  کان گھر ۾، اسڪول ۾، ريل ۾، بس تي، آفيس ۾، نِجي ڪچهريءَ ۾، جيل ۾ (جيڪڏهن توهان جيل جا عملدار يا قيدي آهيو ته) اڪثر ماڻهن پڇيو هوندو. پر ٿي سگھي ٿو ته توهان پنهنجي عِلمي بصارت، سياسي سمجهه تحت کين مطمـﺌـن ڪندا هجو. پر پنهنجا ته پگھر ﺋـي نڪري پوندا آهن، جيڪڏهن ڪو پڇي ويهندو آهي. ”اڳتي ڇا ٿيندو؟“ ان وقت مان سوچيندو آهيان ته، ڪاش! مان ڪو خدا جو خاص ماڻهو هجان ها، جي خاص الخاص نه سهي، پر هلڪو سلڪوقُطب، ڪو ولي، ڪو پِير، ڪو فقير، ڪو انجم شناس، ڪو پـﺌـراساﺋـيڪالاجسٽ ﺋـي سهي. . . ڪجھه ته ايندڙ مستقبل لاءِ هام هڻان ها . . .  دانيال پيغمبر وانگر ڪنهن وقت جي بخت نصر کي خوابن جي تعبير ٻُڌاﺋـي خوش ڪري سگھان ها . . . ڪنهن ولي يا قطب وانگر سنڌ واسين کي ڊيڄاري سگھان ها ته سنڌ چاليهه سال اڳ غَرق ٿيندي . . . ڪنهن انجم شناس وانگر  ستارن جي گردش تحت ثابت ڪري سگھان ها، ته ايندڙ جَنگ ۾ پنهنجو جھنڊو دهليءَ جي لعل قلعي تي جُهوليندو ۽ جڳ ڏسندو . . . ناسٽر ڊامس وانگر ڪي اڻ کٽ اڳڪٿيون لکان ها يا فقير گروهڙيءَ وانگر بيتن ۾ پيشن گوﺋـي ڪري سگھان ها ته ”جڏهن راجا ٿيندو راڪاس، ته مُندين نَه وسندا مِينهن، ڦِري ڦِري شينهن ڪندا سلامي سيهڙ کي“ . . . ماڻهو ٻيو نه ته، ايـﺌـن ﺋـي رڳو چَوَن ها ته، واهه ڙي واهه! فقير! نه ياد هوندين، نه دل تان وسرندين، ته به لک کٽان ها. پر ڇا ڪجي نه ڏات ملي نه عقل جي ڏاٺ ﺋـي ڄاﺋـي. بس پنهنجي قسمت ۾ اهو لکيل ﺋـي ڪونه هو ته ڪا اڳڪٿي ڪري عزت ۽ شهرت ماڻجي . . .

پَرَ اُن ڏينهن، انهيءَ احساس ڪمتري مان آجو ٿي ويس. جڏهن هڪ همراهه ڳالهه ٻڌاﺋـي، ڳالهه ڇا هـﺌـي، بس بي بها نسخو . . . جيڪڏهن توهان به انجم شناس ناهيو، ڪنهن وڏي کٽ جي تانگھه ڇڪيندڙ ناهيو، گياني ڌياني پير فقير ناهيو؛ صرف عام ماڻهو آهيو ته پوءِ هي نسخو توهان کي به نذر ا نيازِ حسين مفت ۾ ڏجي ٿو. بس نسخي ڏيڻ واري جي حق ۾ دعا گهرجو ته هن جهان ۾ سندس عزت ۽ خير جي گذري؛ باقي اڳلي جهان ۾ پاڻ ڄاڻي ۽ اهو ڄاڻي . . . .

ها! ته نسخي وارو قصو هِينـﺌـن آهي ته، ٿر جي ڪنهن ننگر ۾، رات جي اونداهيءَ ۾، ڪنهن پراڻي مندر ۾، مهاراج بغير ڏِيـﺌـي ۽ بَصر جي، پـﺌـي ويٺي مالها جپي يا ٻيو ڪجھه. . . اوچتو ڪنهن ڪاريهر، لنڊي يا کَپر مهاراج کي ڏنگي وڌو . . . . مهاراج هانءُ ڦاڙي رڙ ڪـﺌـي. . . چيلا ڀڄندا آيا، ”هاءِ رام!“ جي دُهاﺋـي ڏيندا آيا. . . بتيءَ جي روشنيءَ ۾ ڏٺاﺋـون ته مهاراج پگھر ۾ شَل، آخري پساهن ۾. . . . مرڻ کان اڳ آديش ڏِناﺋـين: ”ماهجي مرتيه کان پوءِ، ماهجي آسَڻ تي ماهجي سَوٽ بنسي لال کي گھوٽڪي مان گھُراﺋـي ويهارجو.“   مهاراج جو هوڏانهن ڪريا ڪرم پـﺌـي ٿيو. هيڏانهن چيلن ٿريلن  جي صلاح پـﺌـي هلي. ”اڳيـﺌـي سرڳواسي مهاراج نڪ ۾ دم ڪيو هو، وري مٿان مهاراج جي سوتر کي گھرين آڻي جهڙوڪر پِيـﺌَـڻ کي پاهجي وات تي ويهاريون، نه ڀاﺋـي نه! اتراڌن کان ڀڳوان بچاﺋـي“ . . .  ساٺن سنـﺌـوڻن کان پوءِ ننگر جي مُکي ۽ سر پـﺌـنچن کي چيلن گھراﺋـي چيو: ”پـﺌـنچاﺋـت ٻڌي ڇڏي ته سرڳواسي مهاراج چيلي چيتن داس کي سڀوﺋـي پستڪ پڙهايا ها. پاڻ پراڻ ڇڏڻ کان اڳ ايـﺌـن چيـﺌـون ته، پاهجي ديهانت کان پوءِ ماهجو پيارو شش چيتن داس مهاراج ٿيندو.“

مکي ۽ سر پنـﺌـچن ڳالهه ٻڌي کڻي اکين تي رکي، ”جيڪا سرڳواسي مهاراج جي اِڇا سا پاهجي به. . . “

جڏهن تارو تنوارڻ لڳو . . . اکيون ابر آسري لڳيون، تڏهن مکي موٽڻ داس سرپنـﺌـچن سوڌو مهاراج جي چرنن ۾ اچي ويٺو. هميشه وانگر هٿ ٻڌي وينتي ڪياﺋـين:

”ٻيو خيرکين، مهاراج! ڪرپا ڪري اهوته ٽپڙو ڪڍي ٻڌايو ته هيلوڪي ورساري ۾ وس ٺاهوڪي ٿيندي يا نه؟“

چيتن داس جون وايون بتال ٿي ويون. . . . چيلا پنهنجي ليکي پريشان ٿي ويا. . . . پراڻن پستڪن ۾ منهن هڻندي، ڪورن ڪاغذن تي لکندي مهاراج چيتن داس پريشانيءَ ۾ ڌوتيءَ جي پلاند سان نرڙ تان پگهر اگھندي چيو، ”ڀاﺋـي هيل وڏو خرابو ٿيندو!“

”تاهجي ته نالي تان گھور وڃا مهاراج! پاڻ پڇون پيا ورساري جي وس جو؟“مکي پريشان ٿيندي سوال کي ٻين لفظن ۾ ورجايو.

”اڙي، ٻڌءِ نه ته هيل وڏو خرابو ٿيندو!“

مکي ۽ سر پنـﺌـچ وسوڙهيل موٽي ويا، پر چيلا سڀ چڙي پيا: ”واهه ڙي ٻگھلا ڀڳت! پاڻ روڙو مهاراج آ!، جو مکي توکان پڇي ايڪ ته ٻڌاﺋـين ڏون!“

”آءٌ ڪيـﺌـين ٻڌايان. . . . پاڻ کي ٽپڙي جي ڪهڙي سڌ . . . . پر پاهجو جواب آهي اهڙو، جو مهاراجي بچي ويندي.“

”ڪيـﺌـن؟“ چيلن حيرانگيءَ مان پڇيس.

”اڙي مورک ٻڌو! جي مينهن وسو ته پوکون ٿينديون. . . . . پوکون ٿينديون  ته پـﺌـسو ٿيندو. . . . پـﺌـسو ٿيندو ته پيٽ ڀراﺋـي ٿيندي. . . . پيٽ ڀراﺋـي ٿيندي ته ماڙهو هڪ ٻـﺌـي سان کوسيندا. . . . ماڙهو کوسيندا ته جھيڙا ٿيندا. . . . جھيڙا ٿيندا ته خرابو ٿيندو. . . . پر جي وس نه ٿي ته پاهجو ڏيهه ڏڪاربو، ڏيهه ڏڪاربوته مال مرندو، ماڙهو پاهه ٿيندا. . . . مال مرندو ۽ ماڙهو پاهه ٿيندا ته ڪو لڏيندو، ڪو چوريون ڪندو. . . . چوريون ٿينديون ته جھيڙا ۽ ڪيس هلندا. . . . . جھيڙا ۽ ڪيس هلندا ته خرابو ٿيندو. . . . “

”اي ٻيو! صحيح ٿو چـﺌـي. . . . پاڻ سمجھو ڪونه.“ سڀني چيلن گڏجي سندس عقل جو اعتراف ڪيو ۽ انهيءَ بي بها نسخي کي رٽي ڇڏيو.

Contact Us:
+92-332-3895458


هوم پيج

 ڀليڪار
 تعارف
 ايڊيٽوريل
 ڪالم
 خبرون
 تصوير ڳالهائي ٿي
 سنڌ جو ڪيس
 تاريخ
ڪتاب
 ادب
مضمون
 ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر . . .
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
 مواد موڪليو


ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

معاون ايڊيٽرز:

عبدالعزيز منگريو
ديدار علي ڌاريجو

 


www.sundarhost.com

 

sindh,Pakistan,E-books,Free E-Books,
Library,Earn Money,اسلام، عورت، تصاوير,
islam,islamic books,urdu ,poetry,
urdu stories,urdu novels,urdu forum,
urdu cummunity,urdustan,urdupoint.com,
urduone.net,sindhi fonts,english fonts,
corel draw tutorial,Adobe Photoshop tutorials,SindhuDesh,Free Sindh,
bbcurdu.com,bbc urdu,tutorials,
urdupoint.com,urdu news,web designing,
webdesigning,urdu forum,make
your own website,website templates,easy to
make website,easy website,
free web designing,free web hosting,
rdu writers, Urdu Adab,urdu litrature,
indian litrature,history of india,
pakistan and india,war between
 pak & india,iraq war,Google adsense,earn money online,online banking,earn $,$$,

earn money, google, shadi,health,child,children,
insurance,Indian Music,apniisp,isp,domain name,web hosting,
marriage,student loans,scholarship,national songs,cia

science,technology,mobile,sms,indian sms,funny sms

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  editor@voiceofsindh.net