مٺو وات

پرويز

    ”ڪلرڪ سائين، مون سان ظلم. مون وٽ دوڪان ۾ تاڪيا ئي ڏهه ٻارهن رکيا آهن. آءُ مسڪين مشڪل سان گذر سفر پيو ڪريان. . . . . . . . سائين مونکي ٽن سالن جي انڪم ٽيڪس جو نوٽيس مليو آهي سائين، آءُ . . . . . . !“

    ”بابا، هتي هاءِ گھوڙا نه ڪر، اچي هي وٺ گوشوارن جا فارم. اهي ڀري فائيل کڻي صاحب وٽ وڃ. معاف ڪري ڇڏيندءِ“ ڪلرڪ سيٺ جي تقرير اڌ ۾ ڪٽيندي چيو .

    ”سائين هي فارم مونکي ڀرڻ ته ڪونه ايندا !“

    ” ته پوءِ مان ڇا ڪريان.“ ڪلرڪ بيزاريءَ مان چيو.

    ” سائين، توهان ئي کڻي مهرباني ڪري ڀري ڏيو.“

    ” مون ڪو تنهنجو ٺيڪو کنيو آهي ڇا؟ هو سامهون وڪيل ويٺو آهي انکان ڀرائي وٺ.“ ڪلرڪ وڪيل ڏانهن اشارو ڏنو.

    ”وڪيل سائين هي فارم. . . . . . . .“ سيٺ جو عرض اڌ ۾ ڪٽجي ويو.

    ” سيٺ صاحب، ٻه سئو روپيا في ٿيندي فارم ڀرڻ جي.“ وڪيل نج ڪاروباري انداز۾ ڳالهايو.

    ”سائين آءُ مسڪين غريب . . . . . . . . “

    ”هونهه. . . . . . ! ڪپڙي جو واپاري ۽ مسڪين غريب . . . . . ! “وڪيل ۽ ڪلرڪ جي ڳڏيل زهريلي طنز. سيٺ آسرو لاهي، پٽيوالي کان اک بچائي سٽ ڏيئي صاحب وڏي وٽ پهچي ويو. ”ڇا آهي بابا؟“

    ”سائين آءُ مسڪين غريب، اوڌر تي ڪپڙو آڻي مڙيئي گذر سفر پيو ڪريان. سائين مون تي ٽن سالن جي ٽئڪس جو نوٽيس نڪتو آهي . . . . . . “

    ”فائيل ڪٿي آهي تنهنجو؟“ هتي به سيٺ جي تقرير اڌ ۾ ڪٽجي ويئي .

    ”سائين هي فارم آهن پر مونکي ڀرڻ ڪونه ٿا اچن . . . . . . . .“ سيٺ عرض ڪيو .

    ”ته پوءِ مان ڇا ٿو ڪري سگھان؟ مون وٽ فائل مڪمل ڪري کڻي اچ . پٽيوالا! سيٺ کي ڪلرڪ وٽ وٺي وڃ .“

    ٻاهر نڪري سيٺ جائزو ورتو. سجاول جي ريسٽ هائوس ۾ لڳل انڪم ٽيڪس واري ڪئمپ ۾ تر جا ڪيترائي سيٺيا، مل مالڪ، درزي، حجام ۽ واپاري ” ‎ڏنو پٽ ڇٽو“ جي اصول تحت ڪم لاهرائيندا ٿي ويا. نيٺ سيٺ به ساڳيو اصول اختيار ڪيو. وڪيل صاحب ٻن سالن جا فارم ڇڏي آخري سال جو فارم ڀري فائيل مڪمل ڪري سيٺ کي چيو: ”فائيل ڪلرڪ ڏي کڻي وڃ.“ ڪلرڪ وڪيل ڏي نهاريو جواب ۾ اشارو مليو ته ” رب جي مهرباني آهي .“ فائيل ۽ سيٺ ٻئي پٽيوالي سان ڳڏ انسپيڪٽر وٽ پهتا.

    ”اچو اچو سيٺ صاحب، اچو ويهو. هي ڇا آهي؟“ انسپيڪٽر هرو ڀرو فائيل کڻي ڪاغذ اٿلائي پٿلائي ٿو.

    ”سائين آءُ مسڪين غريب . . . . . . . . . . . . .،“ تيسيتائين انسپيڪٽر پٽيوالي ڏانهن نهاري ٿو ۽ پٽيوالي مرڪي چيو ”ها سائين ڪم لهي ويو آهي “

    ”ٺيڪ آهي سيٺ صاحب، وڃ صاحب وڏي ڏانهن. رب مڙيئي چڱي ڪندو.“ پٽيوالو سيٺ کي وٺي صاحب وڏي وٽ ويو.

    ”اچو اچو سيٺ وڏا. ويهو هتان ڪرسيءَ تي ٿي ويهو. حڪم ڪريو ڪئين تڪليف ڪَيوَ؟“

    ” سائين آءُ مسڪين غريب . . . . . . ! “

    ”سيٺ وڏا ڳالهه ٻڌ ، هتي اسان وٽ هرڪو ماڻهو ائين ٿو چوي ته سندس گذر به ڪونه ٿو ٿئي، اسان کي خبر آهي ته مهانگائي آهي. پر توهان کي به خبر هئڻ گهرجي ته گذر سڀني جو ڏکيو ٿي پيو آهي. مهانگائيءَ جو رڳو اثر توهان تي ڪونهي پر اسان تي به پوي ٿو. پر ڇا ڪجي؟ نيٺ به ته رهڻو ته هتي ئي آهي. هاڻ جيڪڏهن قانوني حجتون ٿا پوريون ڪريون ته ڳالهه گوڙ کان چڙهيو ٿي وڃي تنهن ڪري اسان سڀني جي سهوليت لاءِ مڙيئي معمولي ڏيتي ليتي رکي آهي. هاڻ هيئن ڪر. ٻه سال توکي معاف آهن. باقي هڪ سال جو ٽيهن روپين جو چالان ٺهرائي وٺ ۽ ها، پٽيوالي کي به وات مٺو ڪرائج . بس هاڻ ته خوش ٿيئين .“

    ” بس سائين جيڪا توهان جي مرضي “

Contact Us:
+92-332-3895458


هوم پيج

 ڀليڪار
 تعارف
 ايڊيٽوريل
 ڪالم
 خبرون
 تصوير ڳالهائي ٿي
 سنڌ جو ڪيس
 تاريخ
ڪتاب
 ادب
مضمون
 ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر . . .
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
 مواد موڪليو


ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

معاون ايڊيٽرز:

عبدالعزيز منگريو
ديدار علي ڌاريجو

 


www.sundarhost.com

 

sindh,Pakistan,E-books,Free E-Books,
Library,Earn Money,اسلام، عورت، تصاوير,
islam,islamic books,urdu ,poetry,
urdu stories,urdu novels,urdu forum,
urdu cummunity,urdustan,urdupoint.com,
urduone.net,sindhi fonts,english fonts,
corel draw tutorial,Adobe Photoshop tutorials,SindhuDesh,Free Sindh,
bbcurdu.com,bbc urdu,tutorials,
urdupoint.com,urdu news,web designing,
webdesigning,urdu forum,make
your own website,website templates,easy to
make website,easy website,
free web designing,free web hosting,
rdu writers, Urdu Adab,urdu litrature,
indian litrature,history of india,
pakistan and india,war between
 pak & india,iraq war,Google adsense,earn money online,online banking,earn $,$$,

earn money, google, shadi,health,child,children,
insurance,Indian Music,apniisp,isp,domain name,web hosting,
marriage,student loans,scholarship,national songs,cia

science,technology,mobile,sms,indian sms,funny sms

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  editor@voiceofsindh.net