خالي کيسي ۾ ڀريل سوچون

نجم عباسي

شمشاد جي ذهني ڪيفيت اها آهي جا هڪ سڄاڻ سنڌي نوجوان جي هوندي آهي، جو پڙهيل ڳڙهيل ۽ سَنَدن وارو هوندي به روزگار کان وانجھو رکيو پيو وڃي. هن جي ڪهاڻي به اهائي آهي جا هزارين لکين سنڌين جي آهي. مسڪين مائٽن ميڙي چونڊي خرچ ڪري، پاڻ کي هر چيز کان سِڪائي، قرض کڻي ۽ بُکون ڪاٽي، پنهنجي ٻار کي پڙهائي ڊگريون پاس ڪرايون. پوءِ ان پڙهيل نوجوان جو ڏهاڙي اخبارن ۾ نوڪرين جا اشتهار جاچڻ، هر کاتي ۽ ڪمپنيءَ ۾ درخواست ڏيڻ ۽ شهر شهر ۾ انٽرويو لاءِ پنڌ ڪرڻ ۽ نتيجو اهو ڏسڻ ته نوڪري پنهنجن کي ڪٿي ڪانه ٿي ملي، پر اهي جڳهون ٻاهرين سان ڀريون وڃن ٿيون، جي ڊگري توڙي لياقتن ۾ اسان کان گھڻو گھٽ هوندا آهن.

شمشاد سوچي سوچي ٿڪجي پوي ٿو. هن کي خيال اچي ٿو ته هنن حالتن هيٺ هڪ لائق، حساس ۽ سڄاڻ نوجوان مولن ۾ منهن وجھي ويهي ته نه ٿو سگھي. ڇا ڌاڙيلن ۾ وڃي شامل ٿجي؟ مون جھڙو ماڻهو گھٽ ۾ گھٽ هنن ڄٽن جي کوپريءَ ۾ اهو سمائڻ جو جتن ڪري ٿو سگھي ته پنهنجن کي نشانو بنائڻ بدران، قومي ويرين ۽ طبقاتي ويرين ۾ غير سلامتيءَ جو احساس پيدا ڪجي يا مون جھڙن بيروزگارن جي ملڪ گير تنظيم ٺاهجي ۽ سامراجيت خلاف گڏيل احتجاج ڪجي، يا اهڙي سرگرم تحريڪ جو سرگرم بنجي، جا سامراجين جا اسان جي ڌرتيءَ تان پير اکوڙڻ ۾ عملي طرح سرگرم هجي . . .  ورنه ويٺي مائٽن جا ميهڻا ٻڌڻا پوندا، بک مرڻو پوندو، ٿي سگھي ٿو ته مُنجھيل ذهن ۽ بيقرار روح کي دٻائڻ لاءِ چرس، آفيم يا هروئن جو موالي ٿيڻو پوي ۽ حياتي تباهه ڪرڻ جي شاهي راهه تي پهچي وڃان. هڪ ڏينهن هو پنهنجي پسند جي ساهتڪار کي خط لکي ٿو: . . . . سائين! ڪالهه ذهن ڏاڍو منجھيل ۽ وکريل هو. دماغ سوچن جي سمنڊ ۾ ٻڏل هو. ڏاڍي پريشاني، بي آرامي ۽ تنهائي ٿي محسوس ڪيم. عادت موجب سنڌي ڪتاب کڻي پڙهڻ ويٺس. توهان کي اهو ٻڌايان ته اڄڪلهه روز رات جو گھٽ ۾ گھٽ ٻه ڪلاڪ ڪو سنڌي ڪتاب پڙهندو آهيان. اهو ڪتاب اوهان جي ڪهاڻين جو ڳٽڪو ”دارو هن ديواني جو“ هو. ڪتاب پڙهندي دماغ جي ٿڪاوٽ دور ٿيندي وئي ۽ سوچ چٽي واٽ وٺندي وئي ۽ ذهن وري هڪ وار انهي راءِ تي بيٺو ته ”اسان وٽ جيڪڏهن اهڙا ليکڪ موجود آهن، جيڪي پنهنجي قلم سان پنهنجي قوم جي ترجماني ڪن ٿا ۽ قوم جي ناسورن جو ڏس ڏين ٿا ته اها قوم جلد ئي ماڳ تي رسندي ۽ ضرور پنهنجا مقصد ماڻيندي.“

ڪتاب پڙهندي سائين ميلهارام منگترام وساڻيءَ جي ڪتاب ”گلستا“ جي ديباچي جون هيٺيون سٽون ذهن تي تري آيون: ”ڪنهن به قوم جي اخلاق، تهذيب ۽ ترقيءَ جو پتو سندس علم ۽ ادب سان پوي ٿو، ڇاڪاڻ ته قوم جا بيدار مغز عالم ۽ اڳواڻ، فيلسوف ۽ شاعر پنهنجا خيال ۽ تجربا قلمبند ڪرڻ سان ئي قوم جي رهنمائي ڪن ٿا.“

ان سان گڏ پروفيسر ليکراج ماڙيوالا ۽ پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻيءَ جي ڪتاب ”سامي“ جي ديباچي جون هيٺيون سٽون ياد اچڻ لڳيون: ”هر ڪنهن قوم جي سڀيتا جو سڀاءُ، ان جي علم ادب مان پوي ٿو. ان جي ترقيءَ جو مدار به ان جي ادبي فهم، احساس ۽ شناس تي آهي. جا قوم پنهنجي ساهتڪ ذخيري کي سانڍڻ ۽ وڌائڻ جو اُدم نه ٿي ڪري، سا جھٽ زبون ۽ اجڙ ٿيو وڃي.“

سچ ته اوهان جي ڪتاب پڙهڻ سان دماغ روشن ٿي ويو ۽ نئون اتساهه جاڳيو. اميد ته اڳتي به وک وک تي اوهان پنهنجين لکڻين ذريعي اسان جي رهنمائي ڪندا رهندا.

اڄڪلهه آءُ پنهنجي روزگار جي تلاش ۾ آهيان. ان ڪري انٽرويو جي بهاني جدا جدا شهرن جا ٿاٻا پيو کانوان، ڪڏهن ڪراچي ته ڪڏهن حيدرآباد ۽ ڪڏهن ڪو ٻيو شهر. مطلب ته کوڙ انٽرويو ڏنا اٿم. ميٽرڪ فرسٽ ڪلاس، انٽر فرسٽ ڪلاس ۽ بِي. اي فرسٽ ڪلاس ۾ ڪئي اٿم. پر اڄڪلهه نوڪري ملڻ محال آهي، ڇاڪاڻ ته نوڪري وٺڻ واسطي ٻه ڳالهيون ضروري ٿي پيون آهن. هڪ رشوت، جا گھٽ ۾ گھٽ ڏهه هزار رپيا آهي ۽ ٻي پهچ. اهي ٻئي مون وٽ نه آهن. آءٌ ته هڪ غريب خاندان جو ڀاتي آهيان، جنهن جو سنڀاليندڙ هڪ ماستر آهي. توهان پاڻ سمجھي سگھو ٿا ته هن جي ايتري پهچ ڪٿي جو اولاد کي نوڪري وٺي ڏئي، يا هن وٽ ايترو پئسو ڪٿان اچي جو هو ڇوڪر لاءِ روزگار حاصل ڪري سگھي. هن دور ۾ پيٽ جي پورت ڪرڻ ئي هماليه جبل جيڏو مسئلو آهي . . .

ڳالهه ڪٿان اچي ڪٿي نڪتي. من تي مڻين بار هئڻ سبب اهو سڀ ڪجھه لکي ويس. سوچيم ته پنهنجي حال کان سائينءِ کي واقف ڪري، پنهنجي من جو بار هلڪو ڪريان. اهڙي ڪيفيت جي عالم ۾ جيڪڏهن اوهان جي لکڻين جو ڪو مجموعو هٿ اچي ويندو آهي ته وري ذهن ۽ دماغ ٻئي هڪ نئين سوچ سان ڀرپور ٿي ويندا آهن، ڇاڪاڻ ته اوهان جون لکڻيون اسان جو ئي ته آواز آهن.

سو ڳالهه ٿي ڪيم ته رات اوهان وارو ڪتاب پڙهندي منهنجو جوش تازو ٿيو ۽ فيصلو ڪري ورتم ته سرگرم تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن ٿي، پوري سرگرميءَ سان حصو ٿو وٺان. ذهن اول ئي تتل هو، هاڻي پير به تپي ويا ۽ تتل پير وهڻ نه ڏيندا آهن . . . ـــــــــــــــ شمشاد.

خط پڙهي، ليکڪ کي پهريون ويچار اهو ٿو اچي ته بيروزگاريءَ جي واندڪائيءَ ۾ پڙهيل ڳڙهيل نوجوان قومي ساهت پڙهن ٿا ۽ ان سان گڏ هنن جي روزگار لاءِ معاشي جاکوڙ، اسان جي اڳ ۾ ئي هلندڙ قوي سجاڳيءَ جي جاکوڙ ۽ غيرطبقاتي سماج لاءِ جاکوڙ جو بنياد بنجندي وڃي.

ليکڪ پاڻ کان پڇي ٿو: ڇا هيءَ بيروزگاري باروت ۾ بدلجي رهي آهي؟ . . . . بغاوت جو باروت! .


Contact Us:
+92-332-3895458


هوم پيج

 ڀليڪار
 تعارف
 ايڊيٽوريل
 ڪالم
 خبرون
 تصوير ڳالهائي ٿي
 سنڌ جو ڪيس
 تاريخ
ڪتاب
 ادب
مضمون
 ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر . . .
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
 مواد موڪليو


ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

معاون ايڊيٽرز:

عبدالعزيز منگريو
ديدار علي ڌاريجو

 


www.sundarhost.com

 

sindh,Pakistan,E-books,Free E-Books,
Library,Earn Money,اسلام، عورت، تصاوير,
islam,islamic books,urdu ,poetry,
urdu stories,urdu novels,urdu forum,
urdu cummunity,urdustan,urdupoint.com,
urduone.net,sindhi fonts,english fonts,
corel draw tutorial,Adobe Photoshop tutorials,SindhuDesh,Free Sindh,
bbcurdu.com,bbc urdu,tutorials,
urdupoint.com,urdu news,web designing,
webdesigning,urdu forum,make
your own website,website templates,easy to
make website,easy website,
free web designing,free web hosting,
rdu writers, Urdu Adab,urdu litrature,
indian litrature,history of india,
pakistan and india,war between
 pak & india,iraq war,Google adsense,earn money online,online banking,earn $,$$,

earn money, google, shadi,health,child,children,
insurance,Indian Music,apniisp,isp,domain name,web hosting,
marriage,student loans,scholarship,national songs,cia

science,technology,mobile,sms,indian sms,funny sms

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  editor@voiceofsindh.net