صَديءَ جو سفر

طارق قريشي

           ھن اکيون کولي ڏٺو ته پنھنجي مٿان بيٺل سفيد ايپرن ۾ ڪجھ ماڻھو نظر آيس، جن جي منھن تي به سفيد نقاب ھئا، کيس ھڪدم خيال آيو ته اھي ڊاڪٽر ئي آھن، ڇاڪاڻ ته ھو آپريشن ٽيبل تي ئي ليٽيو پيو ھو، ۽ جنھن جاءِ تي ھو ليٽيل ھو، اھا بلڪل ھڪ ليبارٽري يا آپريشن ٿيئٽر جو ڏيک ڏيئي رھي ھئي. ھن پاڻ کي ڏٺو ته سندس ھٿن پيرن ۾ ڪيترائي اليڪٽروڊز لڳل ھئا ۽ مٿي تي ڪا شيءِ چنبڙيل ھئس.، جيڪا ڏسڻ ۾ ڪونه پئي آئي، شايد ڪو ڪنٽوپ ھوندو ۽ يقيناً ان ۾ به ڪي لِيڊز لڳل ھونديون. ھڪ ڊاڪٽر اڳتي وڌي ھن کي انھن شين کان آزاد ڪرايو ۽ ھن جي مٿان پلاسٽڪ جو شفاف اليڪٽرو ڪيپ لاھي رکي ڇڏيو، نڪ مان آڪسيجن جي نلڪيءَ کي آرام آرام سان ڪڍي ڇڏيائين، ۽ دل جي رفتار ٻڌائڻ لاءِ لڳل اليڪٽرو ڪارڊيوگرام جون ليڊز ھٿن پيرن مان لاھڻ کانپوءِ، آپريشن ٽيبل جي ڀرسان، لڳل مختلف ڊائلن واري مشين جا ڪيترائي بٽڻ دٻايا. بٽڻ دٻائڻ ۽ ڊائل گھمائڻ کانپوءِ، ھن جي مٿان لڳل لائيٽن جھڙي ليزر مشين مان، ھلڪي نيري رنگ جا شعاع نڪتا، جيڪي ھن جي سڄي بدن ۾ جذب ٿي ويا، ھن محسوس ڪيو ته ھن ۾ ھاڻ چرڻ پرڻ جي طاقت پيدا ٿي آھي، کيس ان ڳالھ جو چڱيءَ طرح احساس ٿيو، ته سندس جسماني طاقت جي اچڻ کان اڳ، سندس ذھني صلاحيتون بحال ٿي چڪيون ھيون، ڇاڪاڻ ته ھو گھڻي دير کان سوچي ۽ سمجھي رھيو ھو. ڊاڪٽرن ھڪ ٻئي کي ڏٺو ۽ اکين ۽ اکين ۾ ھڪٻئي کي اشارو ڏنائون. ھيءُ اٿي ويھي رھيو. ويھڻ کانپوءِ اٿي بيٺو. ڊاڪٽرن ھن کي ٿورو حيرانيءَ وچان ڏٺو، پر ھن کي ڪجھ نه چيائون. ھي آپريشن ٿيئٽر ۾ ھلڻ لڳو، ڪجھ پل وکون کنيائين ۽ پوءِ ڊاڪٽرن جي سامھون اچي بيٺو ۽ کين سواليه نظرن سان ڏسڻ لڳو. ھڪ ڊاڪٽر ھن کي، آپريشن ٿيئٽر مان ٻاھر ھلڻ جو اشارو ڪيو. ھو ڊاڪٽر سان گڏ ٻاھر نڪري آيو. ھن پنھنجي باري ۾ سوچيو ته کيس سڀ يادگيريون اچي ويون. سندس ياداشت بلڪل صحيح ڪم ڪري رھي ھئي. ھن ھڪ ڪمري ۾ ويھڻ کانپوءِ ھڪڙي ڊاڪٽر کان پڇيو، ” ڊاڪٽر ھينري ڪٿي آھي؟ “

         انھيءَ ڊاڪٽر ايپرن جو نقاب لاھيندي چيو، ” مان ڊاڪٽر ھينريءَ جو پوٽو آھيان. “

         ھن کي حيرت ٿي، ۽ ڄڻ جھٽڪو لڳو، ڇا؟! تون ڇا پيو چوين ڊاڪٽر..... “

         ” موزيز، مون کي موزيز چوندا آھن. “

         ” پر ڊاڪٽر موزيز، اھو ناممڪن آھي ته ڊاڪٽر ھينريءَ جي عمر ٻاونجاھ سال ھجي، ۽ سندس پوٽي جي عمر لڳ ڀڳ پنجاھ سال ھجي. “ ھن ڊاڪٽر موزيز جي عمر جو صحيح اندازو لڳايو ھو.

         مسٽر سچل، اھو ناممڪن ناھي، ڇو جو ائين آھي، پر جيڪو تون سمجھين ٿو، سو صحيح ناھي. مونکي خوشي ٿي آھي جو تنھنجي ذھن تي ڪوبه اثر نه پيو آھي، پر تنھنجي ذھانت شايد اڳي کان به اڳري ٿي آھي. ھا منھنجو ڏاڏو،اھو ته گھڻو اڳ ھڪ ھوائي حادثي ۾ فوت ٿي ويو ھو، ان جي ڄمار انھيءَ وقت پنجونجاھ ورھيه ھئي ۽ جيڪو تجربو ھو، سو اڌ ۾ رھجي ويو. اڄ تقريباً ھڪ سؤ سال کانپوءِ، ان جي اڌ ۾ رھيل تجربي ۾ مون ۽ منھنجي ساٿي سائنسدانن ان وقت ڪاميابي حاصل ڪئي، جڏھن توکي ھڪ سؤ سالن کانپوءِ اڳڱايو (De-frosted) ويو آھي. ڊاڪٽر موزيز ٿورو ساھي پٽي چيو، ” ۽ اسانکي ڏاڍي سرھائي ٿي آھي، جو اڄ اھو تجربو ڪامياب ٿيو ۽ تون بلڪل ٺيڪ ٺاڪ آھين. “

         ” پر مان ته صرف پنجاھ سالن لاءِ يخ ( ڳڱايو ( Frozen ڪيو ويو ھئس، پوءِ مونکي پنجاھ وڌيڪ ڇو لاش بڻائي رکيوَ؟ “

        ” مجبوري ھئي مسٽر سچل، مجبوري ھئي. ان عرصي ۾ دنيا ۾ ڪيترائي انقلاب آيا، تبديليون ٿيون، ڪيئي وڏا طوفان آيا، دنيا ۾ الائي ڪيتري اٿل پٿل ٿي ۽..... اھو به تون شڪر ڪر، جو اڄ ٻيھر جيئرو ٿيو آھين. جيڪڏھن مان ڏاڏا جي اڳوڻي ليبارٽريءَ ۾ رکيل پراڻا فائيل نه پڙھان ھا ته، جيڪر توکي ائين ئي سردخاني ۾ صديون گذري وڃن ھا. مون تنھنجي فائيل ۾ پڙھيو ته تون ميڊيڪل جو شاگرد ھئين، توکي سائنس سان گھڻي دلچسپي ھئي، ۽ پوءِ ھڪ ڀيري ڏاڏا تنھنجي ڪاليج ۾ ليڪچر جو پروگرام ڪيو ھو، تو ليڪچر ۾ ڏاڏا کان کوڙ سوال ڪيا، ڏاڏا ڏٺو ته تون ھڪ ذھين نوجوان آھين، پوءِ ھن توکي پاڻ سان گڏ پنھنجي ملڪ ھلڻ جو چيو، ڏاڏا ھتي ھڪ وڏو تجربو ڪري رھيو ھو، ۽ پوءِ تو ڏاڏا جي ان انسانيت جي ڀلائيءَ واري جذبي کي ڏسندي، پنھنجا پنجاھ سال ڏاڏا جي تجربي کي ارپي ڇڏيا ھئا، ۽ نه رڳو اِھا قرباني ڏني ھئي، پر تو پنھنجو ديس ڇڏيو، مِٽ مائٽ ڇڏيا ۽ زندگيءَ کي به داوَ تي لڳايو ھو. “

         ” ھا مونکي ياد آھي، “ سچل چيو، ” مونکي سڀ ڪجھ ياد آھي، “

         اتي ويٺل ھڪ سائنسدان چيو، ” توھان ھينئر ڇا پيا محسوس ڪريو؟ “

         ” مان نارمل آھيان ۽ نارمل ماڻھوءَ وانگر محسوس ڪريان پيو. “

         ” ۽ ڀلا پنھنجي ماضيءَ جي باري ۾ ڪجھ ٻڌايو، ته جيئن ھي ڪامياب تجربو پوري پوري معلومات سميت عام انسانن تائين پھچايون. “

         ھڪ سائنسدان ڊاڪٽر پنھنجي ايپرن جي کيسي مان ھڪڙو ننڍڙو نوٽ بوڪ ڪڍيو ۽ ڪجھ نوٽ ڪرڻ لڳو.

         ” مونکي پنھنجي ماضيءَ جي باري ۾ ۽ مون تي ٿيندڙ تجربي جي باري ۾ ٻڌائيندي خوشي ٿي محسوس ٿئي، جو منھنجو وجود ھڪ چڱي مقصد لاءِ ھڪ صديءَ تائين ڪم آندو ويو ۽ مان اڄ به پنجويھن ورھين جو نوجوان آھيان، جڏھن ته اڄ کان سؤ سال اڳ يعني 1992 ۾ به مان پنجويھن سالن جو ھوس. “ سچل ڀت تي ٽنگيل 2092 جي ڪيلينڊر ڏي ڏٺو.

         ھو ٻڌائي رھيو ھو: ” مان ميڊيڪل ۾ پڙھندو ھوس، منھنجي دلچسپي سائنس سان گھڻي ھوندي ھئي، ان جو ھڪ وڏو سبب اھو ھو، ڇوته ان وقت منھنجي ديس جا عام ماڻھو ته ٺھيو، پر نوجوان به ان شعبي طرف تمام گھٽ توجھ ڏيندا ھئا، جڏھن ته منھنجي ديس جو حالتون تمام خراب ھيون ۽ انھن حالتن جي گھرج ھئي ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ کي زور وٺرائجي، تعليم ۽ شعور ڏنو وڃي. ڇو جو اسان جي ديس تي طبقاتي ۽ قومي، ٻئي ظلم چوٽ چڙھيل ھئا، مان پنھنجي شاگرد برادريءَ سان به اھي ڳالھيون ڪندو ھوس. “ ھن ڪجھ دير ترسي ھيڏانھن ھوڏانھن نھاريو ۽ چيو: ” مون ان وقت جي سڀني ترقي پسند جمھوري ۽ سياسي پارٽين جي شاگرد دوستن کي به چيو ته، علم ئي اھو ھٿيار آھي، جنھن سان راڪاس جھڙي دشمن کي به مات ڏئي سگھون ٿا. مون چيو ھو- اڄ جو دؤر سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جو دؤر آھي. اڄ چؤطرف سماجَ به سائنس جي بنياد تي جُڙي رھيا آھن. زندگيءَ جي ھر ونھوار ۾ سائنس جو وڏو دخل آھي. منھنجي انھن ڳالھين تي ھو سڀ مونسان سھمت ھئا، پر عمل ڪرڻ وارا ڪونه ھئا، ايتري قدر جو منھنجو پارٽنر، يعني منھنجو روم ميٽ، مون سان ھاسٽل تي گڏ رھڻ وارو منھنجو دوست، جيڪو پاڻ کي ھڪ وڏو دانشور سمجھندو ھو، جيڪو اُٺ ڪتابن جا پڙھي چڪو ھو، سو مونکي چيڙائيندو ھو ۽ چوندو ھو- پارٽنر تون نعري بازي واري ادب جو شڪار آھين. جدوجھد جي ڳالھ تي چوندو ھو ته- اھو بدنام زمانا ڪتابي لفظ مونکي اُلٽي ٿو ڏياري. ۽ مونکي ياد آھي ته ھو ھڪ بيھودو ٽھڪ ڏئي مونکي چوندو ھو ته-  احمقن جي دنيا مان نڪري اچ پارٽنر. مونکي ڏاڍي ڪاوڙ ايندي ھئي. يقيناً اڄ ھو دنيا ۾ ڪونه ھوندو. ھڪ سؤ سالن ۾ مري کَپي ويو ھوندو. چڱو ٿيو اھو مري ويو. ڪيڏو نه واھيات شخص ھو.

         سچل ڪاوڙ ۾ سھڪڻ لڳو، ” اف، جيڪڏھن سو سالن ۾ مون وارو پارٽنر گذاري ويو ھوندو ته يقين اٿم ته بابا به گذاري ويو ھوندو. دنيا ۾ رڳو ھڪڙو پيءُ ئي ته منھنجو ھوندو ھو، نه ماءُ نه وري ڪو ڀاءُ ڀيڻ ھئا.

         ھو روئڻ لڳو. ڊاڪٽرن کيس پرچايو. ھن وري ڪجھ دير کانپوءِ پنھنجو قصو ٻڌائڻ شروع ڪيو: ” مونکي چِٽي طرح ياد آھي  ته مان سائنس جي مختلف موضوعن تي ريسرچ ڪندو ھئس ۽Thesis  لکندو ھئس. ھڪ ڀيري مون پنھنجو ھڪڙو مضمون ھڪ اخبار ۾ شايع ڪرايو، مون لکيو ھو ته- ھندو مذھب جي آواگون واري Theory صحيح آھي، ڇاڪاڻ ته جڏھن به ڪنھن جاندار جا D. N.A (ڊي آڪسي رائيو نيو ڪليئس ائيسڊ) کي اَجنسي Asexual طريقي ٻئي جاندار ۾ منتقل ڪري، ھڪ ٻيو جاندار يعني Duplicate تيار ڪري سگھجي ٿو، سائنسدانن انھيءَ عمل کي Cloning جو نانءُ ڏنو آھي. ۽ اسان ان عمل سان انسانن مان نه رڳو موت جو خوف ختم ڪنداسين، پر موت کي به ختم ڪري ڇڏينداسين. مون لکيو ھو ته- آواگون جي نظريي جنم در جنم کيCloning  ذريعي سچ ثابت ڪرڻ، سائنس جو ڪمال آھي. خبر اٿوَ ڇا ٿيو؟ مونتي وارنٽ نڪتا، مونتي ان وقت مذھبي ٺيڪيدارن ڪفر ۽ الحاد جو الزام مڙھيو ھو، منھنجو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيائون، مونکي تعزيرن جا نيئر پھرائڻ لاءِ سڀ ڀوپا پريشان ھئا، انھن ڏينھن ۾ توھان جي ملڪ جو مُھان سائنسدان، ڊاڪٽر ھينري اسان جي ڪاليج ۾ ليڪچر ڏيڻ آيو ھو. ھن جڏھن ڪرايو بائلاجي(Cryobiology)  تي ليڪچر ڏنو ته مون غور سان ٻُڌو ھو. ھن ٻڌايو ھو ته- ھاڻي جڏھن اوزون جي چادر ۾ به سوراخ ٿي پيا آھن ته انساني قوت گھٽجي رھي آھي. انسانن ۾ بيماريءَ خلاف مزاحمت ۽ مدافعت جي طاقت نه رھي آھي، ۽ ھاڻ جڏھن اڃا ايڊز، ڪينسر ۽ گينگرين جھڙين بيمارين جو ڪوبه مڪمل علاج نه پيو لڀجي، ته سائنسدانن اِھو ويچار ڪيو ته جيستائين وڃي انھن بيمارين ۽ انھن کان وڌيڪ خطرناڪ بيمارين جو ڪو ٺوس حل يا علاج لڀي، تيستائين انسان جي قيمتي جان کي ضايع ٿيڻ کان بچائجي. انھيءَ ڏس ۾ ڪرايو بائلاجي جي مدد ورتي وئي ۽ ان تي تيزيءَ سان تحقيق ڪري، اھا رپورٽ ڏني ته ڪرايو بائلاجي اپلاءِ ڪري سگھجي ٿي.

         ” ڪرايو بائلاجي ڇا آھي؟ پھرين ان جي باري ۾ توھان کي ٻڌايان. ڪرايو بائلاجي ٻن يوناني لفظن جو ميڙ آھي Cryosمعنيٰ ٿڌو، يخ يا ڳڱيل يا ڳڱاٽيل ۽Biology  معنيٰ جاندارن جو علم- ڪرايو بائلاجي ۾ اسان جاندارن ڳڱائي، مستقبل لاءِ سانڍي رکڻ ۽ وري ٻيھر ڳڱائڻ جو علم سِکون ٿا. شروع شروع ۾ جاندارن جا ڪجھ عضوا يا حصا ڳڱائي(Frozen) رکيا ويندا ھئا، پر ھاڻ مختلف تجربن جي روشنيءَ ۾، جيڪي پھرين ڏيڏر، ڪتي ۽ ڀولڙي تي ڪيا ويا، انھن مان ھڪڙي ڳالھ جو انڪشاف ٿيو، ته ڏيڏر منجھ ھڪڙو ڪيميائي مادو گليسرول(Glycerol) ھوندو آھي، يخ ٿڌي ھنڌن تي ڏيڏر اھو مادو خارج ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو، ان ڪري سڀ کان گھڻو تجربو ڏيڏر تي ئي ڪامياب ثابت ٿيو ۽ .... “

         ” ھن جو ليڪچر ختم ٿيو ته مون کانئس سوال ڪيو- سر جيڪڏھن يخ ڳڱائي(Frozen) ڪري انسان کي ڪجھ عرصي لاءِ ڪنھن ڪولڊ بينڪ ۾ رکون ۽ پوءِ ان کي اڳڱايون(De-frosted)  ڪيون، ته ڇا انسان جا ٽشو ساڳي حالت ۾ رھندا؟   ھن جواب ڏنو- نه رڳو اھي ٽشو ساڳي حالت ۾ رھندا، پر گڏوگڏ انسان جي بند ٿيل دل جي ڌڙڪن ۽ رڪجي ويل ساھ به ھڪ نارمل ماڻھو وانگر وري ھلڻ شروع ٿي ويندا ۽ انسان جي ذھن تي ڪوبه خراب اثر نه پوندو. مون وري اُٿي بيھي سوال پڇيو، سر، اوھان جي چوڻ موجب ته سڀ کان پھرين اھو تجربو ڏيڏر پوءِ ڪتي ۽ پوءِ ڀولڙي تي ڪيو ويو ۽ اوھان ٻڌايو ھو ته ڏيڏر سخت ٿڌ جي حالت ۾ پنھنجي جسم مانGlycerol  خارج ڪندو آھي، جيڪو ڏيڏر لاءِ اينٽي- فريزنگ(Anti-Freezing)  وارو ڪم ڪري ٿو، جيڪو سندس گھرڙي(Cell)  ۾ برف يا ٿڌ کي ڇائنجڻ نه ٿو ڏئي. توھان ٻڌائيندا ته انسان کي ڳڱائجي ته گليسرول ڪيتري ھجي ۽ اھو ڪٿان حاصل ڪجي؟  

         ” ويري گڊ، تون نھايت ذھين شاگرد آھين. “ پروفيسر ھينري مونکي چيو. گليسرول ۽ ٻين ڪيمائي مادن جي اڻاٺ ڪانھي، ان ڪري انھن جو حاصل ڪرڻ ڪو وڏو مسئلو ناھي. ان کان پوءِ اھو اڃا مختلف تجربن مان معلوم ڪنداسين ته انسان لاءِ ڪيترو مقدار ھجي ۽ ان جو ڪيترو مُدو ڪم جي صلاحيت جي برقرار رھڻ لاءِ آھي، وغيرہ وغيرہ.

         پروفيسر ھينري ليڪچر جي پڄاڻيءَ کان پوءِ، مون کي اڪيلائيءَ ۾ سڏ ڪيو ۽ چيو، تنھنجو نالو پڇي سگھان ٿو؟

         ” سچل، مون پروفيسر کي مُرڪندي ڏٺو ته مُرڪي چيم. “ ھن پڇيو ته توکي اُن سبجيڪٽ سان ڪيتري دلچسپي آھي؟  مون چيو، سر، اھو ئي ته زندگيءَ جو مقصد آھي.

         ” مون سان گڏ منھنجي ملڪ ھل، اتي توکي ھر قسم جي سھولت، موقعا ۽ معلومات ملنديئي ۽ تون ھلي ھڪ کوجنادان ٿيءُ. ھِتي تنھنجون صلاحيتون ضايع ٿي وينديون. “

         ” پر سر، مان پنھنجو ديس ڇڏي، ڪيئن ھلان؟ منھنجا ھم وطن ڏاڍا ڏکيا آھن. “

         پروفيسر مون کي چيو، تون پنھنجي ھم وطنن کي ھينئر عارضي جدائي ته ڏيندين، پر موٽندين ته ھڪ سائنسدان ڊاڪٽر تحفي ۾ ڏيندين، ڪيڏو نه بھترين تصور آھي؟  

         ” بس پوءِ مان ڊاڪٽر ھينريءَ سان توھان جي ملڪ ھليو آيس، ھتي مون ڪيترين بيمارين لاءِ نيون دوائون ايجاد ڪيون ۽ الائي ڪيترا تجربا ڊاڪٽر ھينريءَ سان گڏجي ڪيا ھئا. ھڪ ڏينھن اسان ھڪ تجربي کان واندا ٿياسين ته پروفيسر غمگين ٿي ويو ۽ مون کي چيائين، اسان کي ھاڻي انسانن کي بيمارين کان بچائڻ لاءِ ڪرايو بائلاجي تي آخري ۽ حتمي تجربو ڪري، ان کي عام ڪرڻ گھرجي، پر افسوس ان لاءِ ھڪ انسان جي ضرورت آھي ۽ ان تجربي لاءِ ڪوبه ماڻھو تيار نه ٿيندو. ھن مون ڏي اداس نظرن سان ڏٺو ۽ مون کان پڇيو تهُ مان ڇا ڪريان، ڪٿان ماڻھو آڻيان، جنھن کي ڊگھي عرصي لاءِ (يخ) ڳڱائيCold bank  ۾ رکون ۽ وري پوءِ کيس ڳڱايون ته جيئن ھي تجربو به انسانيت جي ڪم اچي.

         پروفيسر ڏاڍو پريشان ھو، پورو ھفتو پريشانيءَ ۾ گذاريائين، پوءِ مون کان سَٺو نه ٿيو، جو منھنجو مھربان استاد، انسانن جي ڀلي لاءِ تڙپندو رھي ۽ مان ويھي سندس بي ڪيفيءَ جو تماشو ڏسان. مون کيس چيو، سر، مان پاڻ کي توھان جي تجربي لاءِ پيش ڪريان ٿو.

         ” تون،نو،   پروفيسر چيو، تون ھڪ ته اڳيئي ھتي الائي ڪيئن آيو آھين. ٻيو وري پنجاھ سال کن توکي ليٽ ڪرائجي، اِھو مون کان نه ٿيندو،  

         ” چيومانس، سر، پاڻ انسان ذات جي ڀلائيءَ لاءِ ھي سڀ ڪجھ ڪريون ٿا، اھو اسان جو ڪاز آھي. “   

         ” مون کيس ڏاڍيون منٿون ڪيون. مَسَ مَسَ پروفيسر ھينري راضي ٿيو. اڄ کان سو سال اڳي، رڳو پنجاھ ورھين جو گليسرول استعمال ڪيو ھئائين ۽ مون کي ڳڱائي ڇڏيائين. حيرت اٿم ته ھڪ صديءَ کان پوءِ به مان بلڪل ٺيڪ ۽ صحيح سلامت آھيان. “

         سچل ڪجھ دير لاءِ ماٺ ٿي ويو ۽ وري چوڻ لڳو، ” ھاڻي مان ٻه ڳالھيون توھان کان پڇڻ لاءِ آتو آھيان. مھرباني ڪري مونکي ٻڌايو ته ھاڻي انھيءَ تجربي جي ڪھڙي اھميت آھي، ۽ جيڪا به اھميت ھجي، ان سميت سڄي تجربي جي پوري ھسٽري فائيل مونکي ڏيو، ته مان پنھنجي ديس وڃي، وڌيڪ کوجنا ڪريان ۽ ٻيو مونکي ٻڌايو ته منھنجي ديس جو ڪھڙو حال آھي؟ “

         ھڪ ڊاڪٽر کنگھڪار ڪري ڳلو صاف ڪيو ۽ چيو، ” مسٽر سچل، توکي ڳڱائڻ کان پوءِ ڊاڪٽر ھينري ھڪ ھوائي حادثي ۾ گذاري ويو. پر تنھنجي باري ۾ سندس ليبارٽريءَ ۾ ھڪ فائيل رکيل ھو، جنھن ۾ تنھنجي باري ۾ ۽ توکيFrozen  ڪرڻ جي ابتدائي رپورٽ لکيل ھئي. گذريل ھڪ سو سالن ۾ ڪيتريون ئي تبديليون آيون، ايتريقدر جو، انھيءَ تجربي تي ڪم ڪندڙ ڊاڪٽر ھينريءَ جو اسسٽنٽ ڊاڪٽر مائيڪل بروسٽ به گذاري ويو، جنھن کان پوءِ انھيءَ تجربي کي ڪجھ مھينا اڳ ڊاڪٽر موزيز پنھنجي ھٿ ۾ کنيو ۽ سندس محنتن اڄ توکي زندھ ڪيو آھي، تنھنجي فائيل ۾ تنھنجي ملڪ جو نالو به ڄاڻايل ھو. توکي اھو به ٻڌائيندا ھلون ته تون ڏکڻ ايشيا جي جنھن خطي سان تعلق رکين ٿو، ھاڻي اھو خطو ھڪ آزاد ۽ خود مختيار رياست آھي ۽ ترقي يافته پرڳڻن مان ھڪ آھي. ھا، ھي تجربو ڪامياب ويو آھي. ھن ۾ تنھنجي به اوتري محنت شامل آھي، جيتري اسان سڀني جي شامل آ. ان ڪري، ھن تجربي جي ھسٽري فائيل جي ھڪ ڪاپي توکي به ڏني ويندي. “ 

         سچل اھو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو ته ھن جو ديس آزاد ۽ خودمختيار ٿي چڪو آھي. ھن چيو، ” مون کي جلد کان جلد پنھنجي ملڪ موڪليو. ھاڻي مان وڌيڪ انتظار ڪري نه ٿو سگھان. “

         ڊاڪٽر موزيز چيو، ” تنھنجي باري ۾ ھينئر اسان جا به ساڳيا جذبا آھن، تون پوري ھڪ صدي پنھنجي قوم ۽ ديس کان ڌار رھيو آھين. ھاڻي تون ڀلي پنھنجي ملڪ وڃ. اسان تنھنجي وڃڻ جو بندوبست ڪريون ٿا، پر اڃا به ھڪڙي سوال جو جواب ڏي ته تون ھڪ صديءَ کان پوءِ وري ھڪ نئون جنم وٺي چڪو آھين، تون ان باري ۾ ڇا ٿو محسوس ڪرين؟

         سچل ٿورو کلي چوڻ لڳو، ” ائين ٿو لڳيم ته ڄڻ ڪنھن گھري ننڊ مان جاڳيو ھجان، باقي اندر ۾ ھڪڙي ھورا کورا اٿم ته انھن سو سالن ۾ الائي ڪھڙيون تبديليون آيون ھونديون. مان انھن کي قبول ڪري سگھندس يا نه؟ “

         ” آل رائيٽ، “ ڊاڪٽر موزيز چيو، ” تون گھٻراءِ نه، تون تمام ذھين آھين، انھيءَ ڪري تون ان ۾ مس فٽ نه ٿيندين. ھاڻي تون ڪجھ دير آرام ڪر، رات جو تولاءِ ڪنھن نه ڪنھن فلائيٽ ۾ بندوبست ڪريون ٿا. “

         ان کان پوءِ ڊاڪٽر موزيز ۽ سڀئي سائنسدان ڪمري مان نڪري ويا.

 

         ھو ڏاڍو خوش ھو، سندس دل زور زور سان ڌڙڪي رھي ھئي ۽ عجيب ڪيفيت ٿي رھي ھئس. ھُو جھاز مان ھيٺ لٿو، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي خوبصورت لائونج ۾ گھڙيو، ھو ڏاڍو پرجوش ھو ته اوچتو ھڪڙو ھمراھ ھن وٽ آيو ۽ چيائين، ” اوھان ... مسٽر سچل آھيو نه؟ “

         ”ھا. “

         ” اچو مان اوھان جو ميزبان آھيان. “

         سچل ھن سان گڏ لائونج مان نڪري آيو.

         سچل سوچڻ لڳو ته ، ڪمال آھي، سؤ سالن کان پوءِ به سنڌي ٻولي پنھنجي اصلي حالت ۾ آھي.ھو ٻئي ھڪڙي ڪار ۾ اچي ويٺا. ميزبان چيو، ” منھنجو نالو سڀاڳو خان آھي. مان سياحت کاتي جو ڪارڪن آھيان، مونکي اوھان سان ملي ڏاڍي خوشي ٿي آھي. مونکي خبر پئي ته اوھان جي عمر سوا سؤ سال  آھي، پر اوھان اڄ به نوجوان آھيو، توھان جس لھڻو، جو ھڪ نيڪ مقصد لاءِ پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيو ھو. سنڌ جي سرڪار لاءِ اوھان تمام گھڻا اھم آھيو، جو اوھان ھڪ سو سال اڳ جي تاريخ آھيو ۽ گڏوگڏ ھڪ سائنسدان به آھيو، ان ڪري اوھان جي ذميواري اسانجي کاتي جي حوالي ڪئي وئي آھي ته سڀ کان پھرين اوھان کي سڄي ديس جا نظارا ڏيکارجن ۽ پوءِ اوھان کي ھتان جي شھريت ڏيڻ لاءِ ويچار ڪيو ويندو. ڇاڪاڻ ته اوھان سؤ سالن کان پوءِ ھتي آيا آھيو. ۽ اسان ھر ڪم ڇنڊڇاڻ کان پوءِ ڪندا آھيون. “

         سچل پنھنجي ميزبان جو ڳالھيون ٻڌي به رھيو ھو، رستي جي ٻنھي پاسن کان تمام وڏيون وڏيون عمارتون، صاف ۽ سڌا روڊ ۽ ڀرپاسي ۾ ساوڪ، گل ئي گل ڏسي حيران ٿي ويو. چيائين، ” دادو ڪيڏو نه خوبصورت ۽ وڏو شھر ٿي ويو آھي!؟ “

         ” رڳو دادو ڇا، سنڌ جو ھر شھر ھڪ ٻئي کان وڌيڪ آھي. “

         ” واہ، ڏاڍي ترقي ٿي آھي. “ کيس مردن توڙي زالن جا ٻھڪندڙ چھرا ڏسڻ ۾ آيا، ھر ماڻھو چستيءَ ۽ ڦڙتيءَ سان پنھنجي پنھنجي ڪم ڪار ۾ رڌل ھو. مرد توڙي عورتون ٻئي خوبصورت ھئا. مرد اڳي وانگر ٿلھا ۽ گنجا ڪونه ھئا، نه وري ڪنھن جو گھڻو پيٽ نڪتل ھو. رستا ۽ روڊ صاف، ڀتيون ۽ دروازا به اڇا اجرا ھئا. شھر جي ماڻھن جا به سادا ۽ رونق وارا مھانڊا ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو. وڏن وڏن ڪشادن روڊن جي ھيٺان انڊر گرائونڊ بازاريون، ٽيوب ٽرينن جا رستا به الڳ الڳ  ڏسڻ ۾ آيس. نظارن ڏسڻ کان اڃا واندو ڪونه ٿيو ھو، پر ميزبان جو خيال ڪندي پڇيائين، ” اوھان سياحت کاتي ۾ ڪھڙي عھدي تي آھيو؟ “

         ”مان منسٽر فار ٽوئرزم اينڊ ڪلچرزم آھيان. “ سڀاڳي خان عام لھجي ۾ وراڻيو.

         سچل کي ويساھه ئي نه پيو اچي، حيرانگيءَ سبب ڄڻ ھوش ئي نه رھيو ھجيس. سوچڻ لڳو: منھنجي ديس ۾ پاڙي جو ڪائونسلر مھينن کان پوءِ به نه لڀندو ھو. ھزار کن باڊي گارڊ کڻڻ کان پوءِ ڪو وزير نڪرندو ھو ۽ ھي وزير ايڏو سادو ۽ نھٺو آھي، جو نه ڪو کڻي باڊي گارڊ، نه ڪو وري ٽانءِ اٿس. ڪيڏو نه نياز سان مليو ھو. چئي پيو ته- سياحت کاتي ۾ ڪارڪن آھيان. سچل ڏاڍو متاثر ٿيو، ڪجھه سوچي وري سڀاڳي خان کان پچيائين، ” ھتي ڪھڙو نظام ھلي پيو؟ “

         ” سنڌ ۾ ھيومن ايڪيولزم آھي. ملڪ جا سڀ ادارا جمھوري انداز ۾ جوڙيا ويا آھن، ۽ ھتي جو نظام سماج سان ٺھڪندڙ آھي. ھاڻي سنڌ جو اھو قائم ڪيل نظام سڄي دنيا ۾ رائج ٿي چڪو آھي.“

         ”سنڌ جي خارجه پاليسي ڪھڙي آھي؟ “

         ” سنڌ جي خارجه پاليسي ۽ سنڌ جو وڻج واپار به برابريءَ جي بنياد تي پنھنجي سڀني پاڙيسرين سان سٺن ناتن جي حوالي سان قائم آھي. مثال طور بلوچستان مان گئس وٺندا آھيون، ۽ ان کي تيل ڏيندا آھيون. بلتستان مان سنگ مرمر امپورٽ ڪندا آھيون، ان کي سيمينٽ ايڪسپورٽ ڪندا آھيون ۽ اھڙيءَ طرح سرائڪي ديس، پختونستان، پنجاب، ھندوستان، خالصتان، بنگلاديش وارن سان سٺا واپاري ناتا آھن. ھن سڄي ريجن ۾، ڪنھن به علائقي کي پنھنجي فوج ڪانھي. ڇو جو اھو بين الا قوامي امن معاھدي ۾ طئه ڪيو ويو ھو، باقي، انتظامي معاملن کي ھلائڻ لاءِ ڪجھه فورسز آھن. “

         ” مون کي ڪنھن سائنسدان سان ملاءِ ته مھرباني ٿيندي. “

         ” ھا ھا، ڇونه. منھنجو ڀاءُ سائنسدان آھي، ھاڻ تازو سائنس ۾ ڊاڪٽوريٽ ڪئي اٿس، ھل ته ھلي ملايانءِ. “

         سڀاڳو خان ھن کي وٺي پنھنجي ڀاءُ ڏي آيو، جنھن سان ڪچھري ڪرڻ کان پوءِ، سچل کي اڃا به وڌيڪ حيراني ۽ خوشي ٿي.ھو سوچڻ لڳو: ھتي ڪيڏو نه مانڊاڻ مچي ويو آھي، ھي سڀ ڪجھه صرف منھنجو ھڪ خواب ھو، جيڪو ساڀيان بنجي پيو آھي. ڪيڏو نه مان ڀاڳوان آھيان، جو پنھنجو ديس آزاد ۽ خوشحال ڏٺو اٿم.

         سچل، سڀاڳي خان جي ڀاءُ سوڀاري خان جي سائنسي آبزرويٽري جو جائزو وٺندي چيو ته ” ھتي ڀلا ڪا ليبارٽري به آھي؟ “

         ” ھا ھتي سنڌ جي وڏي ۾ وڏي ليبارٽري اڳيان جوھيءَ ۾ آھي، ۽ ان جي ٿورو پريان جبلن ۾ اسان جو نيوڪليئر پلانٽ به آھي. “  

         ” نيوڪليئر پلانٽ! “ سچل وڌيڪ حيران ٿي ويو. ” ھا، ان کي قائم ٿئي ته کوڙ وقت ٿيو آھي. ھاڻي ته جديد ٽيڪنالاجيءَ جي مدد سان انرجي حاصل ڪرڻ جا ننڍڙا ننڍڙا يونٽ ھر شھر ۾ لڳي چڪا آھن. گڏوگڏ ٿر ۾ سولر انرجي پلانٽ به لڳل آھي. “

         سوڀارو گھڻي دير تائين سچل کي ھتي ٿيندڙ ترقي جي ڪمن جون ڳالھيون ٻڌايون، جڏھن گھڻي دير ٿي ويئي ته سچل به کانئس موڪلايو. ان کان پوءِ سڀاڳو، سچل جي چوڻ تي کيس آبدوز ٺاھيندڙ فيڪٽري، سنڌو ھيوي مڪينيڪل ڪامپليڪس ( SHMC )گھمائڻ وٺي ويو. سچل اتي پھچڻ کان پوءِ چيو ته، ” ڇا مان جنرل مئنيجر سان ملاقات ڪري سگھان ٿو؟ “

         ” وائي ناٽ. “ کيس جواب مليو.

         ٿوري دير ۾ ئي ھڪ مڪينڪ ٽائيپ ھمراھ ھنن وٽ آيو، ھن جا ھٿ پير منھن ۽ ڪپڙا تيل ۽ گريس لڳل ھئا، بنھ گدلو پئي لڳو، ھڪڙي سُٽ جي ويڙھي سان پنھنجا ھٿ اگھي، ھن مٿي تان پي ڪيپ لاھي سچل کي سلام ڪيو. سچل کيس اڇاترو جواب ڏنو. ڪجھ دير ترسي ھمراھ ڏٺو ته سچل ھن ڏي توجھ نه ٿو ڏئي ته چيائين، ” سائين مان اوھان جي ڪھڙي خدمت ڪريان؟ “

         ” اسان کي جي ايم سان ملڻو آھي. “ سچل بي پرواھيءَ سان چيو.

         ” حڪم ڪريو، مان ئي جنرل مئنيجر آھيان. “

         ” ڇا؟ سچل جو وات پٽجي ويو.

         ” ھا سائين، اچو ته پاڻ ھلي ڪٿي ويھون، ڪم جو وقت آھي، نه ته آفيس ۾ ھلي ويھون ھا. “ جنرل مئنيجر ھنن کي وٺي ھڪ ڪينٽين ۾ آيو، ڪينٽين جي ڪائونٽر تي رکيل ٽيليفون کڻي نمبر ملائي چيائين، ” سائين، مون وٽ مھمان آيل آھن، مان پنھنجي حصي جو ڪم ٿوري دير کان پوءِ اچي ڪندس. “ فون رکي سچل کي ھن ٻڌايو، ” اسان جو سپروائيزر ھو، کيس ٻڌايم ته پوءِ ايندس. “

         ” توھان جي ايم آھيو ۽ ھڪڙي سپروائيزر کان موڪل ٿا گھرو؟ ڳالھ سمجھ ۾ نه آئي. “

         ” ادل، مان کڻي جي ايم ٿيس ته ڇا ٿيو. مون کان وڌيڪ ڪم سپروائيزر ڪري ٿو ۽ اسان ٻئي گڏجي ڪم ڪريون پيا. جيڪڏھن کيس انفارم نه ڪريان ته اھا بداخلاقي چئبي. ٻيو ته پنھنجي حصي جو ڪم ته مونکي ڪرڻو ئي آھي. “

         سچل جي نيڻن مان خوشيءَ وچان لڙڪ وھي آيا. دل ۾ چوڻ لڳو، ” انھن ڏينھن جي آس ھئم، برابر اڄ منھنجي قوم عروج تي آھي، ھاڻ منھنجي قوم عظيم آھي، جو اخلاق جا سڀ اعليٰ قدر  ( Values )منجھس پيدا ٿي چڪا آھن. “

         سچل رومال سان وھي آيل ڳوڙھا  اُگھيا ۽ جي ايم سان رھاڻ ڪندي پڇيائين، ” اوھان جي تعليم ڇا آھي؟ “

         ” ھونئن ته ڊگريءَ جي حساب سان ڪجھ به نه آھي ۽ مان اصل ۾ مڪينڪ آھيان، پر صلاحيتن ۽ خدمتن کي ڏسندي ڏيپلو يونيورسٽيءَ مون کي بِي اِي جي اعزازي ڊگري ڏني آھي ۽ پيداوار جي وزارت منھنجي ڪارڪردگيءَ جي ساراھ ۾، مون کي ملڪ جو وڏو اعزاز ” ھوشو ايوارڊ “ پڻ ڏنو آھي. “

         سچل جي ايم سان به کوڙ وقت حالي احوالي ٿيو ۽ پوءِ ان کان به موڪلائي، سڀاڳي خان سان زرعي فارم ڏسڻ لاءِ مٺياڻي پھتا. مٺياڻيءَ جو زرعي فارم سَون ايڪڙن تي پکڙيل ھو، ڏاڍو صاف ۽ سٺو. فصل جي اُپت ڏسي سچل دنگ رھجي ويو. فارم تي لابارو ھلي رھيو ھو، ھن جي تصور ۾ به ايڏو وڏو ۽ خوبصورت فارم ڪونه ھو، جيڪو ھن کي ھتي نظر آيو ھو. مختلف فصلن کي ڏسندي آخر ھو ڪڻڪ جي لاباري کي ڏسڻ لڳو. سچل ڏٺو ته لابارو ڪندڙ ھاري ڏاڍ&#