|
خليل جبران
موڪليندڙ: غلام مصطفى ملاح
ھڪ نوجوان رستي تي ويٺو پني رھيو ھو، ٿلھو متارو
نوجوان جنھن کي بک بيجان ڪري ڇڏيو ھو، ھو رستي جي موڙ وٽان ايندڙ ويندڙ جي سامھون
ھٿ ڦھلائي رھيو ھو، بک جي تڪليف جو دکڙو روئي رھيو ھو.
رات پنھنجا خيما کوڙيا نوجوان جا
چپ ٺوٺ ٿي ويا ۽ زبان زخمجي پيس، پر ھٿ پيٽ جيان خالي رھيس.
ھو اٿيو ۽ شھر کان ٻاھر نڪري ويو اتي وڻن جي جھنڊ ۾ ويھي سڏڪا ڀري روئڻ لڳو. تنھن
کان پوءِ ھن پنھنجون اکيون آسمان طرف کنيون نج تي لڙڪن جو پردو پيل ھو ۽ بک سندس دل
کرچي رھي ھئي. ھن چيو؛
پالڻھار! مان سيٺ وٽ ڪم جي ڳولا
۾ ويس ھن منھنجي بدن تي مٽي لڳل ڏسي مون کي ٻاھر ڪڍرائي ڇڏيو. مون اسڪول جو دروازو
کڙڪايو، پر ھٿين خالي ھئڻ سبب اندر گھڙڻ نه ڏنئون. مون فقط ٽن وقتن جي ماني تي
نوڪري ڪرڻ ٿي چاھي، پر منھجي بدقسمتي، جو ان کان به محروم رھيس. پوءِ مجبور ٿي پنڻ
جي ڪوشش ڪيم، پر منھنجا رب ! تنھنجن بندن مون طرف ڏٺو ۽ اھو چئي اڳيان وڌي ويا ته
”ھن ٿلھي متاري ھڏ حرام کي خيرات ڏيڻ جائز ڪونھي.
”پالڻھار! منھنجي ماءُ مونکي تنھنجي حڪم سان
جنميو ۽ ھاڻي تنھنجي وجود جي آڌار تي جيئرو آھيان ! پوءِ ماڻھو مون کي ماني جو ڳڀو
ڇو ڪونه ٿا ڏين؟ جڏھن ته آئون تنھنجي نالي تي ٿو گھران.“ ڏکاري نوجوان جو چھرو
بيچين ٿي ويو ۽ اکيون الائن جيان ٻرڻ لڳس . ھو اٿيو ۽ سڪل ٽارين مان ٿلھو ڏنڊو
کنيائين ۽ شھر طرف اشارو ڪندي اُچي آواز ۽ چيائين؛
”مون پگھر جي پورھئي عيوض زندگي طلب ڪئي . پر اھا نه
مليم ، ھاڻي مان ٻانھن جي ٻل تي زندگي حاصل ڪندس . مون محبت جي نالي تي ماني مڱي،
پر انسانن ڪو ڌيان نه ڌريو ۽ ھاڻي آئون ظلم ۽ سرڪشي جي نالي تي رڳو ماني ئي نه پر
ٻيو ڪجھه به کانئس گھرندس ۽ ھو ڏيڻ تي مجبور ٿيندو.”
ڳپل عرصو گذري ويو. نوجوان ھارن
جي لاءِ ڪنڌ ڪپيندو رھيو ۽ پنھنجي لالچ جا محل اڏڻ جي لاءِ لڳاتار روحن جا ھيڪل
ڊاھيندو رھيو . ايستائين جو سندس دولت بي انداز ۽ بھادري عام ٿي وئي . ملڪ جا ڌاڙيل
کيس ڀائڻ لڳا ۽ حڪومت جا ڪارندا سندس نالي کان ڪنبڻ لڳا . نيٺ بادشاھه ھن شھر ۾ کيس
پنھنجو نائب مقرر ڪري پنھنجي خاص حلقي ۾ شامل ڪري اعليٰ عھدي تي فائز ڪري ڇڏيو.
اھڙي طرح انسان پنھنجي ڪنجوسي سبب مسڪين کي بدمعاش ۽
پنھنجي سنگدلي جي ڪري امن پسند کي قاتل بنائي ٿو ڇڏي.
| |
|
Contact Us:
+92-332-3895458 |
|
|
|
|
ايڊيٽر ۽
ويب ماسٽر: |
|
مير آفتاب
احمد ٽالپر |
|
سب ايڊيٽر: |
|
مير اشفاق احمد ٽالپر |
|
معاون ايڊيٽرز: |
|
عبدالعزيز منگريو
ديدار علي ڌاريجو |
|
sindh,Pakistan,E-books,Free
E-Books,
Library,Earn Money,اسلام، عورت، تصاوير,
islam,islamic books,urdu ,poetry,
urdu stories,urdu novels,urdu forum,
urdu cummunity,urdustan,urdupoint.com,
urduone.net,sindhi fonts,english fonts,
corel draw tutorial,Adobe Photoshop tutorials,SindhuDesh,Free Sindh,
bbcurdu.com,bbc urdu,tutorials,
urdupoint.com,urdu news,web designing,
webdesigning,urdu forum,make
your own website,website templates,easy to
make website,easy website,
free web designing,free web hosting,
rdu writers, Urdu Adab,urdu litrature,
indian litrature,history of india,
pakistan and india,war between
pak & india,iraq war,Google adsense,earn money online,online banking,earn
$,$$, |
|
|
|
earn money, google, shadi,health,child,children,
insurance,Indian Music,apniisp,isp,domain name,web hosting,
marriage,student loans,scholarship,national songs,cia
science,technology,mobile,sms,indian sms,funny sms |
|