ازلي سچُ

موڪليندڙ: عباس ڪوريجو
ghulamabbaskorejo@yahoo.com

                                 منظور ڪوهيار

23 ذالعقد 309 هجري جي رات، بغداد جي مرڪزي ٿاڻي ’باب خراسان‘ جي ڪال ڪوٺڙيءَ جو لوهي دروازو هڪ چيڪٽ سان کُلي ٿو. هڪ جڳياسي ۽ جس کرو شخص وڏي شان ۽ گنڀيرتا سان اندر داخل ٿئي ٿو. ڪال ڪوٺڙيءَ جو داروغو ’النشار‘ دروازو بند ڪري، چاٻي هڻي، دروازي جي بند هئڻ جو اطمينان ڪري واپس وري ٿو.

ڪال ڪوٺڙيءَ کان ٻاهر ڀت ۾ ٻرندڙ مشعل جي هلڪي روشنيءَ ۾ اهو شخص چؤڌاري نظر ڦيرائي ٿو ته کيس زمين تي هڪ پراڻو تڏو نظر اچي ٿو. جيڪو ’دجله‘ درياه ڪناري تي بيٺل پَنِ مان ٺهيل آهي. هنڌين ماڳين ٽُڪيل آهي. ۽ تشدد ٿيل قيدين جي رت سان چٽيل آهي. اُهو شخص تڏي جي هڪ پاسي کان وٺي ڇنڊڪو ڏئي ٿو ته ايامن جي لڳل ڌوڙ نڪري اُڏامڻ لڳي ٿي. هُو تڏي کي رکي، بي فڪريءَ سان اُن مٿان ويهي رهي ٿو. اِهو سڄو منظر ڪال ڪوٺڙيءَ جي ڀتين ۾ ٿيل ٻِرن مان ننڍا وڏا ڪوئا ۽ ڇت ۾ لٽڪيل چمڙا ڏسندا رهن ٿا.

ڪال ڪوٺڙيءَ جو داروغو ’النشار‘ هڪ هٿ ۾ تلوار ۽ ٻي هٿ ۾ بغدادي نانُ لوڏيندو، پيرن سان ڌم! ڌم! ڪندو، لوهي دروازي تائين پهچي ٿو. هڪ هٿ سان شيخن کان نان اندر ڪندي، اُن شخص کي چوي ٿو، ’اي ملحد! اي ڪافر! اي ملعون! کائي ڍؤ ڪر، جو سڀاڻي توکي قربانيءَ جي ٻڪر جيان ڦٿڪايو ويندو!‘

ذلت آميز جملن جي پرواهه نه ڪندي، اُهو شخص وڏي صبر ۽ ڌيرج سان اُٿي ٿو. بسم الله ڪري، بغدادي نانُ وٺي، وري اچي تڏي مٿان ويهي ٿو. محسوس ڪري ٿو ته بکايل نظرون سندس مليل نانَ کي تڪي رهيون آهن. هُو نانَ جا چار حصا ڪري، ٽن حصن کي ننڍن ٽڪرن ۾ تقسيم ڪري ڪال ڪوٺڙيءَ جي ٻرن آڏو رکي ٿو ۽ چوٿين حصي جي ڀور ٺاهي، ڪچي فرش تي ڇَٽي ٿو.
اِهو سمورو منظر هڪ پوڙهو چمڙو، حيرت وچان ڇت وارين پٽين مان لڙڪندي ڏسي رهيو آهي. هن زندگيءَ ۾ ڪڏهن به اهڙي قيديءَ کي نه ڏٺو هو، جيڪو ايڏو مطمئن ۽ پرُسڪون هجي. هن ته قيدين کي آه زاري ڪندي لُڇندي پُڇندي ڏٺو هو. روئيندي رڙندي ۽ ڪيهون ڪندي ٻڌو هو.

آخرڪار، اُن پوڙهي چمڙي کان رهيو نه ٿيو، هن اُن شخص کان پنهنجي فطرتي ٻوليءَ ۾ سوال ڪيو:

’اي قيدي! تون ڪهڙيءَ مٽيءَ جو ٺهيل آهين. جو نه پنهنجي قسمت کان نالان آهين، نه وري ڪا شڪوه شڪايت ڪرين ٿو ــ اي قيدي! تنهنجي سخاوت به عجيب آهي، جو هڪ مليل نان به تون اهڙن جاندارن ۾ ورهائي ڇڏيو، جن کان عام قيدي نفرت ڪندا آهن. ڇا مان تنهنجو نالو پڇي سگھان ٿو؟‘

’منهنجو نالو حسين بن منصور حلاج آهي‘ قيدي، پوڙهي چمڙي جي ٻولي سمجھندي وراڻيو.

’اي بردبار قيدي! ــ هن ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ ته قاتلن ۽ رهزنن کي رکيو ويندو آهي. تو کان آخر اهڙو، ڪهڙو گناهه سرزد ٿيو آهي، جو هتي پهتو آهين؟‘ چمڙي جستجو جاري رکندي چيو.

منصورحَلاج مشڪندي وراڻيو،’اهڙو ئي ڏوهه، جھڙو مون هاڻي ڪيو آهي ته هر ساهواري کي ان جي ضرورت مطابق ڏنو وڃي ته جيئن ڪير به چوري ۽ سينه زوري نه ڪري. مون ته انسانن کي اهو پيغام پئي ڏنو ته پنهنجي وجود جي حقيقت کان آگاهي حاصل ڪن. جيڪڏهن سندن وجود حقيقت آهي ته سندن ضرورتون به حقيقت آهن. ڪو به کين انهن حقن ۽ گھرجن کان محروم نه ٿو رکي سگھي ۽ نه وري سندن انفراديت کي دٻائي سگھي ٿو.‘

’اهو ته ڪو ڏوهه ئي ناهي ــــ ايئن ته ناهي ته ڪو ٻيو ڏوهه هجي. جيڪو تون ٻڌائڻ نه چاهيندو هجين؟‘ چمڙي بي يقينيءَ واري ڪيفيت مان کائنس پڇيو.

’ها!، اهڙو ئي هڪ ٻيو ناقابلِ برداشت ڏوهه به ڪيو آهي. جڏهن مون چيو، ته مون کي خدا جي حوالي سان پنهنجي وجود جي اظهار ڪرڻ جي لاءِ ڪنهن کان به اجازت وٺڻ جي ضرورت ناهي. ڇاڪاڻ ته سندس روح منهنجي رُوح ۾ ائين سمائجي ويو آهي، جيئن عنبر، مشڪ ناب ۾ ملي ويندو آهي. ۽ ان (الله) رازن کي منهنجي دل ۾ ائين سمايو آهي جيئن رُوح بدن ۾ سمايل هوندو آهي. جڏهن ڪا شيءِ اُن کي ڇُهي ٿي ته اُها مون کي ڇهي ٿي. هر وقت ۽ هر حال ۾ ’اهو‘ مان بڻجي وڃان ٿو.‘

منصور حلاج، پوڙهي چمڙي کي ڪجھه وضاحت سان ٻڌايو،

’اِها ڳالهه ته مان جھڙو حقير چمڙو به سمجھي سگھي ٿو. چئبو ته اڄڪلهه جو انسان چمڙي کان به ويل آهي.‘ چمڙي حيرت زده ٿيندي چيو.

’تون سمجھي وئين اِن ڪري، جو فطرت جي قريب آهين. پر انسان جيڪو اشرف المخلوقات سڏائي ٿو، اُهو فطرت کان گھڻو پري ٿي ويو آهي.‘ منصور حلاج چمڙي کي سمجھاڻي ڏيندي ٻڌايو.

’خير، تنهنجي لاءِ ڪهڙي سزا تجويز ڪئي وئي آهي؟ ‘

’مثله!‘ منصور حلاج کلندي وراڻيو.

’مثله!؟ــ اِها ڪهڙي قسم جي سزا آهي؟‘ چمڙي سوالن جي سلسلي کي جاري رکندي پڇيو.

’مُثله سزا تحت، مون کي پهريائين سوُريءَ جي تختي تي بيهاريو ويندو. ۽ پوءِ هٿ پير ٻڌا ويندا ــــ پهريائين منهنجا هٿ ۽ پوءِ پير ڪپيا ويندا ـــ اُن کانپوءِ اکيون ڪڍيون وينديون ۽ آخر ۾ زبان ڪپي ويندي. پوءِ سرُ قلم ڪري خليفي ڏانهن اُماڻيو ويندو ۽ ڌڙ کي تيل ۾ ٻوڙي ساڙيو ويندو ۽ آخر ۾ رک دجلي جي لهرن جي حوالي ڪئي ويندي .......

اي سٻوجھه چمڙا! جي تون سڀاڻي اِهو منظر پسي سگھين ته ضرور اچجانءِ ۽ شاهدي ڏجانءِ ته اسان عشق جي نماز ادا ڪندي ڪا ڪوتاهي ته ڪو نه ڪئي.‘ منصور حلاج چمڙي کي دعوت خاص ڏيندي چيو.

’اي مرد حق! مان رب جو شڪر ادا ٿو ڪيان، جو اُن مون کان اهڙن ڏينهن ڏيکارڻ واري سگھه سلب ڪري ورتي آهي ــــ ڇا واقعي انسان ايڏو سفاڪ ۽ اندر جو انڌو آهي. جو ان ازلي سچ کي سڃاڻڻ کان قاصر آهي، جيڪو هر دل ۾ رسي وسي ٿو؟‘

’ها، ساڃاه وند چمڙا! اِهوئي انساني سماج جو وڏو الميو آهي.‘ منصور حلاج ٿڌو شوڪارو ڀريندي، پنهنجو شعر پڙهيو ......

اِهو ٻڌي، پوڙهو چمڙو، ٻين چمڙن سان ڇت مان ڀڙڪو ڏئي اُڏاڻو ۽ ڪال ڪوٺڙيءَ جي روشندان مان نڪري زور زور سان فضائن ۾ اُڏري منادي ڏيڻ لڳو:

’انڌو اُهو آهي، جيڪو اندر جو انڌو آهي، جنهن منصور حلاج کي نه سڃاتو، اُن ازلي سچ کي نه سڃاتو، ۽ پوءِ منصور حلاج جي ٻڌل شعر کي وڏي واڪي دُهرائڻ لڳو.

’ا عمي بَصير وا نّي ا بلحهُ فَطِن
        ولي کلام اِذا ماشئتُ مقلوبُ‘
        (انڌو آهيان، ليڪن بصيرت رکان ٿو،
        سادو آهيان. ليڪن فطين آهيان.
        ۽ هي منهنجو ڪلام، غور ڪرڻ سان ابتو به ٿي سگھي ٿو.)

وڻن تي سُتل پکي پکڻ ۽ جيت جڻين ۾ ڦڙ ڦُوٽ پئجي وئي. پر ’النشار‘ ڪال ڪوٺڙيءَ جي ٻاهران اکيون ٻوُٽيون اوجھراڪيون کائيندو رهيو.


Contact Us:
+92-332-3895458


هوم پيج

 ڀليڪار
 تعارف
 ايڊيٽوريل
 ڪالم
 خبرون
 تصوير ڳالهائي ٿي
 سنڌ جو ڪيس
 تاريخ
ڪتاب
 ادب
مضمون
 ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر . . .
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
 مواد موڪليو


ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

معاون ايڊيٽرز:

عبدالعزيز منگريو
ديدار علي ڌاريجو

 


www.sundarhost.com

 

sindh,Pakistan,E-books,Free E-Books,
Library,Earn Money,اسلام، عورت، تصاوير,
islam,islamic books,urdu ,poetry,
urdu stories,urdu novels,urdu forum,
urdu cummunity,urdustan,urdupoint.com,
urduone.net,sindhi fonts,english fonts,
corel draw tutorial,Adobe Photoshop tutorials,SindhuDesh,Free Sindh,
bbcurdu.com,bbc urdu,tutorials,
urdupoint.com,urdu news,web designing,
webdesigning,urdu forum,make
your own website,website templates,easy to
make website,easy website,
free web designing,free web hosting,
rdu writers, Urdu Adab,urdu litrature,
indian litrature,history of india,
pakistan and india,war between
 pak & india,iraq war,Google adsense,earn money online,online banking,earn $,$$,

earn money, google, shadi,health,child,children,
insurance,Indian Music,apniisp,isp,domain name,web hosting,
marriage,student loans,scholarship,national songs,cia

science,technology,mobile,sms,indian sms,funny sms

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  editor@voiceofsindh.net