ڪانونِ جي قوم

نثار ابڙو

صبح جو سهانو وقت . . . نسيم (صبح جي ٿڌڙي ۽ خوشبوردار هوا)، جنهن ماحول کي ٿڌي ۽ مٺي ڪرڻ لاءِ پئي جدوجھد ڪئي ۽ هاڻ سج جي پهرين ڪرڻن سان نبيري جي ڪوشش ۾ رُڌل هئي . .

ڪراچي يونيورسٽي جي فيڊرل هاسٽل ۾ هڪ سادو موچارو ڪمرو مليل هو . . . هِڪُ جمعي جو ڏينهن ۽ مٿان واري ڇنڇر جي موڪل، ڪيترائي شاگرد ويجھن ڳوٺن ۽ شهر ۾ موجود مِٽن مائٽن ۽ دوستن يارن وٽ وڃي ٽڪيا هيا ۽ باقي موڪل هئڻ سبب اڃا ننڊ ۾ يا وري ڪمرن کان ئي نه نڪتا هيا . . . آءٌ به دير تائين ڪچهريون ڪري سُتو هوس . . . بلڪله هاسٽل جي ماحول ۾ رات جي ٻارهين کان اڳ سمهڻ عجب لڳندو آهي . . .

رات جا پويان پهر بستري تي تڙپندي گذريا، ننڊ به عجيب شيءَ آهي ۽ وري انکان وڌ عجب خواب . . . . ڪڏهن آسمان جو سير ته ڪڏهن اُونهي کڏ . . . ڪڏهن محبوب ملاقاتون ته ڪڏهن وڇوڙا ۽ جدايون . . . ڪڏهن ڏاڍ ۽ ظلم خلاف جدوجھد ته وري ڪڏهن خوشين ۽ غمن جو سمنڊ اُٿليو پوي . . . . شاهه چواڻي:

اڀريام انگور، ستي سپرين جا      
کايو کايو سور، لڇيو لوچيو اٿان.

اهڙي ئي لڇ لوچ واري حالت ۾ رات گذري . . . ننڊ جو غلبو ته اڃان حاوي هيو پر خيالن ۽ خوابن مان جند ڇڏائڻ خاطر اُٿي چانهن چسڪي لاءِ ڪئنٽين جو رخ ڪندي . . . هاسٽل کان ٻاهر نڪري گھرو ساهه کنيم . . . خاموشيءَ جا ڪڪر ڇانيل . . . سج جي گلابي ڪرڻن جو ڄار . . . آسمان صاف هوبهو سمنڊ جي پاڻي جيئان . . .

سج کي سلام جي نيت سان آسمان طرف نگاهه ڪيم . . . سج کان اڳ نظر وڃي هڪ ٿلهي متاري سرڻ (الَ) تي پئي . . . پنهنجن مضبوط چنبن ۾ ڪانءُ جو نئون ڄاول ٻچڙو کنيو ڪنهن پاسي ٿي وئي . . . مون کيس معمولي سمجھندي، سج کي سلام واري نگاهه ڪندي اڃان ڪنڌ هيٺ ئي ڪيو هو ته اوچتو ڪنهن پاسي کان هڪ ڪانءُ جي زوردار ڪان . . ڪان . . ڪان ڪن تي پئي. مون وري مٿي ان طرف نهاريو ۽ ائين لڳوم ته ڪانءُ ان سرڻ چوڌاري لامارا ڏيندي صداءِ احتجاج ڪري رهيو هجي . . . بس پوءِ ته هر طرف کان ڏسندي ئي ڏسندي ڏهن مان سوَ ۽ سوَن مان هزارن جي تعداد ۾ ”ڪانوَن جي قوم“ گڏ ٿيندي وئي . . . رڙيون، دانهون ۽ پوءِ سرڻ تي حملا شروع . . .

مون کان چانهن وئي وسري ۽ پاڻ کي ڪانون جو ساٿي محسوس ڪندي، سندن حمايتي ٿيندي ويٺم جاچڻ . . . ايئن ٿي لڳو ڄڻ آفريڪي ڪارا انسان پنهنجي بقاءِ آزادي ۽ نسل جي بچاءُ جي قومي ويڙهه وڙهڻ لاءِ . . . گورن نسل پرست، پرمار ۽ ڦورو حڪمرانن خلاف گڏ ٿي جدوجھد ڪري رهيا هجن . . .

سرڻ پنهنجي شڪار کي وڃائڻ نٿي چاهيو . . . ۽ هونءَ به ظالم پنهنجي ظلم تان ڪو سٿرو هٿ ٿوروئي کڻندو آهي . . . پر ڪانون جي ڪوڪن ۽ حملن کان گھٻرائجي ۽ بوکلائجي هيڏانهن کان هوڏانهن پئي ڦيراٽون کاڌيون . . . هوڏانهن وري ڪانوَ هيا جو ”فتح ٻڌي سان“ ۽ ”ٻه ته ٻارنهن“ واري اصول تي عمل ڪندي حملا جاري رکيا . . .

آءُ ڏسندو رهيس . . . چانهن جي پياس ۽ راتوڪي لُڇ پُڇ واري ڪيفيت وسري وئي ۽ خيالن ئي خيالن ۾ ڪانون جي احتجاج ۾ شريڪ ٿي، سرڻ مٿان اُلرون ڪرڻ لڳس ۽ شاهه جون هي سٽون وَرَ وَرَ ڪري پئي جھونگاريم:

وڳر ڪيو وتن، پرت نه ڇنن پاڻ ۾،        
پسو پکيئڙن، ماڻهنئان ميٺ گھڻو.

ڪانگن به هاڻ احتجاج ڇڏي ٻڌا حملا ٿي ڪيا . . . ڄڻ ته ويٽنامي قوم پنهنجن ننڍڙن ننڍڙن هٿن سان هٿيار کڻي، آمريڪي ويڙهاڪن تي، جن جا قد وڏا، جسم ڳرا طاقتور ۽ ڇاتيون ويڪريون . . . پنهنجي ننڍڙي قد ۽ ڪمزور جسمن ذريعي پئي حملا ڪيا . . . سرڻ به عالمي سامراج جيئان ٿي لڳو جو پنهنجي پيٽ ڀرڻ خاطر، ٻين جو رت چوسيندو ۽ ٻچا ماريندو آهي . . . پنهنجي طاقت ذريعي خوف ۽ حراس ويهاري، مظلومن کي بک مرڻ تي مجبور ڪري پنهنجي طاقت ۽ پيٽ کي ڏينهن ه ڏينهن ويندو آهي وڌائيندو . . . .

انسان سماج ۽ خالص سنڌي معاشرو ڪانگ کي ٻين پکين جي ڀيٽ ۾ واڌو ڪاٽو نظر سان ڏسي ٿو جيئن ”سياڻو“، ”چالاڪ“، ”قاصد“، ”ڊڄڻو“ ۽ ”اندر ڪارو“ وغيره وغيره . . . هونءَ به ڪانءُ انساني شين کي خراب پڻ ڪندو آهي . . . ٻارن کان شيون، ماني يا گوسٽ ٽُڪر کسي کائي ويندو آهي . . . پر اڄ هو مظلوم هو . . . سندن نازڪ ۽ معصوم ٻچڙي کي سرڻ جي بي رحم چنبي ۾ ڏٺو هوم ۽ انهيءَ کي ڇڏائڻ جي تڙپ ڏٺي هيم . . .

”جت ٻاهه ٻري، اهو هنڌ سڙي“

مظلوم قوم جو فرد ٻئي مظلوم ۽ ڏتڙيل قوم جي ڏکن کان واقف هجي ٿو . . . ڪانگ پکي ڪيترو به خراب ڇو نه هجي پر سندس ڪي خوبيون اهڙيون اٿس، جي سنڌ واسين ۾ اڻ هوند آهن . . . ڪانءٌ دشمن خلاف گڏيل جدوجھد ڪندا آهن . . . پنهنجي رنگ، نسل ۽ قوم سان بيحد پيار ڪندا آهن . . . پنهنجن گھرن ۽ اولاد جي حفاظت خوب ڪري ڄاڻن . . . ڪو شڪاري جڏهن هٿيار کڻي جھنگ جو رخ ڪندو آهي ته هي ئي اهو واحد پکي آهي جو کيس للڪاريندو آهي ۽ پنهنجي چالاڪي ۽ ڦڙتيءَ سان پيڇو ڪندي، پنهنجي مخصوص آواز سان مڙني پکين کي خبردار ڪندو رهندو آهي . . . ان ڪم ۾ هو ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي جان به وڃائي ويهندو آهي . . . شڪاري کيس يا ته ماري يا ڀڄي يا وري لڪي جان ڇڏائيندو آهي. . .

اڄ ڪانون کي قومي وجود لاءِ وڙهندي ڏسندو رهيس . . . سرڻ کي نديندو رهيس . . . سرڻ به طاقتور هئي، جسماني طور سڀني کان وڏي هئي، شڪار سندس چنبن ۾ هو، پنهنجي طاقتور پرن جي ٻل تي هيٺان کان مٿي، ساڄي کان کاٻي مطلب ته چؤڦير پئي لامارا ڏنائين . . . هوڏانهن ڪانوَ به متحد ٿي سرڻ جي لامارن تي ويتر ڪاوڙ ۾ ڀرجي پرتشدد حملا ڪرڻ شروع ڪيا . . . پنهنجن چهنن ۽ لتن سان ڪاهون ڪندا رهيا . . . سرڻ به طاقت جي گھمنڊ ۾ هئي . . . حملا بچائيندي . . هيٺ مٿي پئي لامارا کاڌا . . .پر آخر ته مظلوم جي فتح ٿيڻي آهي . . . سچ جي ٻيڙي لُڏڻي آهي پر ٻڏڻي ناهي . . . ڪانون جي همٿ هڻي هنڌ ڪيو . . . ظالم سرڻ جا چنبا ڍرا ٿيا، ٻچڙو هيٺ ڪريو ۽ هوءَ جھاز ٿيندي نظر آئي . . . سامراج جي شڪست ٿي، مظلوم کٽيو . . . مرادون پُنيون . . ڪانگن فتح جا نعرا هنيا . . . هيٺ اچي مئل ٻچڙي کي سلامي ڏئي وڃي پنهنجي ڪم سان لڳا . .!

آءٌ ڏسندو رهيس، سندن سوڀ تي مرڪندو رهيس ۽ جت آسمان زمين کي سجدو ٿي ڪيو ان جاءِ تي نظرون ٽِڪائي . . . پنهنجي وجود تي . . . پنهنجي قوم تي سوچيندو رهيس . . . آسمان صاف ٿي چڪو هو . . . !


Contact Us:
+92-332-3895458


هوم پيج

 ڀليڪار
 تعارف
 ايڊيٽوريل
 ڪالم
 خبرون
 تصوير ڳالهائي ٿي
 سنڌ جو ڪيس
 تاريخ
ڪتاب
 ادب
مضمون
 ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر . . .
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
 مواد موڪليو


ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

معاون ايڊيٽرز:

عبدالعزيز منگريو
ديدار علي ڌاريجو

 


www.sundarhost.com

 

sindh,Pakistan,E-books,Free E-Books,
Library,Earn Money,اسلام، عورت، تصاوير,
islam,islamic books,urdu ,poetry,
urdu stories,urdu novels,urdu forum,
urdu cummunity,urdustan,urdupoint.com,
urduone.net,sindhi fonts,english fonts,
corel draw tutorial,Adobe Photoshop tutorials,SindhuDesh,Free Sindh,
bbcurdu.com,bbc urdu,tutorials,
urdupoint.com,urdu news,web designing,
webdesigning,urdu forum,make
your own website,website templates,easy to
make website,easy website,
free web designing,free web hosting,
rdu writers, Urdu Adab,urdu litrature,
indian litrature,history of india,
pakistan and india,war between
 pak & india,iraq war,Google adsense,earn money online,online banking,earn $,$$,

earn money, google, shadi,health,child,children,
insurance,Indian Music,apniisp,isp,domain name,web hosting,
marriage,student loans,scholarship,national songs,cia

science,technology,mobile,sms,indian sms,funny sms

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  editor@voiceofsindh.net