”ڊنل ماڻهوءَ سان ملاقات“

                                                                                                       ـــــــــــــــــــــــــ نند جويري

شوڪت شوري جي لکيل ڪهاڻي ”هڪ ڊنل ماڻهو“ تي هي تاثرات لکيل آهن. اِها ڪهاڻي پڙهڻ
 لاءِ هِتي ڪلڪ ڪريو.

هلندي هلندي زمين تي ڪجهه نه ڪجهه ته قدمن جا نشان پئجي ئي ويندا آهن. سڀ نشان وڏي ملهه جا هوندا آهن ائين ناهي. پر ڪجهه نشان اهڙا به هوندا آهن جيڪي هلڪا ڦلڪا ڀاسندا آهن،  پر پوءِ به وڏي معنى وارا هوندا آهن. اهڙي ئي شوڪت شورو جي هيءَ ڪهاڻي آهي.

سرير ۽ سرير ۾ سوکيم سرير، هيءَ ڪهاڻي انسان جي سوکيم سرير جي ڪهاڻي آهي. سوکيم سرير جي پيڙا جي ڪهاڻي آهي. ماڻهو آهي ته من سان آهي. هو من سبب ماڻهو سڏائي ٿو. هيءَ ماڻهوءَ جي من جي پيڙا جي ڪهاڻي آهي.

سرير ته اڪيلو رهي سگهي ٿو، پر سوکيم سرير کي سدا ساٿ گهرجي، من کي سدا ساٿ گهرجي. ساٿ سرير جي ضرورت ناهي، پر ساٿ ماڻهوءَ جي من جي بک آهي.

 ”........ هوءَ هڪ عورت هئي سندس پاسي ۾ ويٺي هئي. ساڻس ڳالهائي رهي هئي ۽ اهو ئي هن لاءِ ڪافي هو..........“

”.....اهو ئي هن لاءِ ڪافي هو.......“ اُهو جنهن لاءِ ڪافي هو اُهو سرير ناهي، اُهو من آهي، ۽ من جو ٻيو نالو سوکيم يعني لطيف سرير آهي. سرير کي جڏهن من ملي ٿو ته اُهو ماڻهو ٿي پوي ٿو. هيءَ ماڻهوءَ جي سرير جي ڪهاڻي ناهي، پر ماڻهوءَ جي من جي ڪهاڻي آهي.

هن ڪهاڻيءَ جي اُڻت، ۽ هن ڪهاڻيءَ جي پيشگوئي ٻڌائي ٿي ته هيءَ ڪهاڻي لکي نه ويئي بس لکجي ويئي آهي، بنا ڪنهن غير رواجي ڪوشش وٺندي ...... بس شهر ۾ هلندي هلندي ....... شهري زندگيءَ ۾ جيئندي جيئندي، هيءَ ڪهاڻي بي سوچ ....... بي مقصد، ٺهي ويئي آهي. اِهو تمام گهٽ ٿيندو آهي، ۽ جڏهن ائين ٿيندو آهي ته ڪهاڻي ڪنهن خاص شخص جي جيون جي نه بڻي، عام جيون جي ڪهاڻي بڻجي پوندي آهي. هيءَ ڪهاڻي شهر ۾  عام اڪيلي رهندڙ نوجوان جي ڪهاڻي آهي. جيڪو ڪوئي به ٿي سگهي ٿو. تون، مان، هيءُ، هو، ڪوئي به ٿي سگهي ٿو. اِهو ئي ڪهاڻي پڙهندي پڙهندي ڀاسي ٿو. اِن ڏس ۾ هيءَ شوڪت جي ڪامياب ڪهاڻي آهي.

هڪ دفعي ائين ٿيو جو مائيڪل ائنجيلو بنا ڪنهن خاص ڪوشش جي عيسى جي هڪ خوبصورت مورتيءَ جي رچناڪري ورتي. چوڌاري واه واه ٿي ويئي، تنهن تي مائيڪل ائنجيلو چيو ” مون ته ڪجهه به ڪونه  ڪيو آَهي، مان ته صرف رستي تي ٽهلي رهيو هوس ته رستي جي پٿر ۾ لڪل عيسى مونکي پڪاري چيو ”مونکي ڇڏاء   مونکي مڪت ڪر، تون ئي اِهو ڪري سگهين ٿو...... گهڻن ڏينهن کان مان هن پٿر ۾ ٻڌو پيو آهيان، تون مونکي مڪت ڪر.“ تڏهن مون بنا ڪجهه ڪرڻ جي، صرف پٿر جي اَجائي حصي کي پٿر کان الڳ ڪري ڇڏيو، ..... مون ته ڪجهه به ڪونه ڪيو آهي.“

هيءَ ڪهاڻي به ڪجهه اهڙي ئي آهي. نه ڪهاڻيءَ ۾ ڪو فلسفو بيان ڪيو ويو آهي، ۽ نه ئي ڪهاڻيءَ ۾ زوردار ٻولن وارو ڊرامو آهي. ڪهاڻيءَ ۾  نائڪا رواجي، نائڪ ۽ نائڪا جو وهنوار به رواجي نموني بيان ڪيو ويو آهي. پٿر جي اجائي حصي کي الڳ رکي، شوڪت شورو طرفان  من جي هڪ فطرت کي درسايو ويو آهي.... هن ڪهاڻيءَ ۾.

ماڻهو اجنبي آهي، هن ڪناري تي جنهن ڪناري تي هن جو گهر نه آهي. هو بي واقف آهي پنهنجو پاڻ کان، هو بي واقف آهي، هر ٻئي کان، ته پوءِ اِهو به ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿو ته ڪو ٻيو هن جي واقفيت ڏيئي سگهي؟ ماڻهو من جو آهي...... ته پوءِ من جو گهر ڪٿي آهي؟ ..... اِهو ئي سوال آهي.

ماڻهو من آهي، ماڻهو سرير آهي، جنهن سان سيڪس جي بک جُڙيل آهي. ڪهاڻيءَ جي شروعات ڪجهه اُتان ٿئي ٿي. ”لوليتا“ ناول جي خريدي .... صاف صاف اِهو ئي درسائي ٿي.

سيڪس جي پــوٿي هٿ ۾ آهي، سو ته صحيح آهي، پر آس پاس صحيح ناهي. آس پاس ڀيڙ آهي. ۽ ڀيڙ  ۾،  ڀيڙ سان سيڪس ممڪن ناهي. ڀيڙ ۾ سيڪس جي ڪلپنا به ممڪن ناهي. جنهن سبب آس پاس جي پيهه ۾ نائڪ پيسجي رهيو آهي .. ..... لوليتا جا پنا پيسجي رهيا آهن. اِتي  اِن بيان سان هنرمند ليکڪ جو هنر ظاهر ٿي پوي ٿو.

”لوليتا“ جا پنا اٿلائي پٿلائي. شام جو عذاب، هن کي ڪيئن به سَهي ڪري، گذارڻو هو“...... . انسان جي جنسي بک ڏانهن هنر مند ڪهاڻيڪار جو هڪ ڍڪيل اشارو آهي.

ماڻهوءَ جي نظر اُتي ئي پوندي آهي جنهنجي ماڻهوءَ  کي ضرورت هوندي آهي. بکيو سولائيءَ سان نئين شهر ۾ کاڌي جو دڪان ڳولهي ئي وٺندو آهي. شهر جا رستا ساڳيا آهن، نائڪ به ساڳيو آهي، نائڪ جو رستن تي گهمڻ به نئون ناهي. ڪجهه نئون آهي ته نائڪ جي هٿ ۾ ”لوليتا“ جو ڪتاب جو ساٿ نئون آهي. نئون ساٿ سڌو اَڻ سڌو ”پرائيويٽ“ جي سڃاڻپ جي ٻوجهه ڏيئي ٿو ڇڏي. ٽانڊو هٿ ۾ آهي ته گرميءَ جو احساس ته ٿيڻو ئي آهي. ”پرائيويٽ “ جي سڃاڻپ ته سولائيءَ سان ٿي وڃي ٿي. پر اِن سڃاڻپ کان پوءِ نائڪ جو باقي انڀؤ پهريون دفعو ئي آهي جتي، جنهن انڀوَ ۾ هو ”هڪ ڊنل ماڻهو“ آهي.

مٺو مٺو سيڪس جو احساس نائڪ کي اڳ به ٿيو هوندو، پر سيڪس ڀريو انڀؤ پهريون دفعو ٿي رهيو آهي. فطرتان نائڪ ڊپ ۾ آهي. .... ڊپ اچي ٿو ..... ڊپ وڃي ٿو .... ڊپ ور ور اچي ٿو....ڊپ  ور ور وڃي ٿو. ليکڪ ڪجهه به نئون نٿو ٻڌائي. هو اُهو سڀ بيان ڪري ٿو، جيڪو تنهنجي منهنجي، هِن جي، هُن جي  پهرين انڀوَ جو بيان ٿي سگهي ٿو، جنهن سبب ڪهاڻي تنهنجي منهنجي ۽ سڀ جي ٿي پوي ٿي.

ماڻهوءَ جي من ۾ درج ٿيل ڪجهه فطرتي، ..... ڪجهه غير فطرتي ڪجهه صحيح، ...... ڪجهه غلط يادگيرين جا عڪس آهن، جن عڪسن ۾ پيسجي رهيو آهي هو ڊنل ماڻهو. هو ڄاڻي به پاڻ کي ڄاڻي نٿو سگهي. هو ڄاڻ ۽ نه ڄاڻ جي وچ۾ هو راند ڪري رهيو آهي. هو  ان دَ پانڊ ۽ آن دَ بئڪ (In the Pond, On the Bank) جي راند ڪري رهيو آهي. راند ۾ وارو وٺڻ وارو به نائڪ آهي ته راند ۾ تيڪڻ وارو به نائڪ آهي.نائڪ جي سامهون وشال من جو سمنڊ آهي، جنهن ۾ هو ڪڏهن ٻڏي ٿو، ته ڪڏهن هو تري ٿو. من ٻڏي ٿو پنهنجو پاڻ ۾ .... من تري ٿو پنهنجو پاڻ ۾ ..... بس پنهنجو پاڻ ۾...... ان ڏس ۾ هيءَ من جي گيان وگيان جي ڪهاڻي آهي. من اجنبي آهي هن ڪناري تي جنهن ڪناري تي هن جو گهر نه آهي، من اجنبي آهي هن ڪناري تي جنهن ڪناري تي هن جو گهر آهي.

ڪهاڻي پڙهندي احساس ٿئي ٿو ته اگر تو پاڻ کي سرير مڃيو آهي، ته ٻئي کي به تون سرير کان  وڌيڪ ڄاڻي نٿو سگهين. اگر تون من آهين ته ٻئي کي به من کان وڌيڪ سمجهي نٿو سگهين، ۽ اگر تون نرڪ آهين ته ٻئي ۾ به تون نرڪ جو احساس ئي پائيندين. ماڻهو  ٻِئي ۾ به اوترو ئي ڏسي سگهي ٿو، جيترو ماڻهو پنهنجو پاڻ ۾ پاڻ کي ڏٺو آهي. ماڻهو ٻئي جي ڪتاب کي تڏهن پڙهي سگهي ٿو، جڏهن ماڻهو پنهنجي ڪتاب پڙهي ٿو.

”عورت اَکيون مٿي کڻي هن کي ڏٺو. سندس اکيون ڀنل هيون ..... يا هن کي ائين لڳو هو. ٽيڪسي ٻنهي جي نظرن جي ڏور کي ڇنندي هلي وئي.“

۽ آخر ۾ .......

”در کولي اندران در جي پاسي ۾ ڀت تي هٿوراڙيون  ڏئي بٽڻ ڳولي بتي ٻاريائين ڪمري ۾ روشني پکڙجي  وئي. هو ڇرڪي در تي ئي بيهي رهيو. ڪمري جي ويراني ۾ اکيون ڦاڙي حيرت ۽ ڊپ وچان ڪمري کي ڏسڻ لڳو. ڪمري ۾ پيل هر شي ساڪت ۽ مئل هئي. هن کي اوچتو موت جو احساس ٿيو ۽ سندس من ۾ ڊپ ڀرجي ويو. هانءُ اڇل کائي نڙيءَ ۾ اچي ڦاسي پيو. هن چاهيو ته پوئتي ڀڄي پر سندس پير پٿرائجي ويا هئا. کيس محسوس ٿيو ته ڪمري ۾ ڀريل اڪيلائي ۽ ويراني آهستي آهستي هن ڏانهن وڌي رهي هئي ۽ پوءِ اها هن جي وجود کي گهيري وئي.“

ماڻهو اجنبي آهي، هن ڪناري تي جنهن ڪناري تي جتي هن جو گهر نه آهي. ماڻهو اجنبي آهي، هن ڪناري تي جنهن ڪناري تي هن جو گهر آهي. هو بي واقف آهي پنهنجو پاڻ کان، هو بي واقف آهي هر ٻئي کان، ته پوءِ اِهو به ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿو ته ڪو ٻيو هن جي واقفيت ڏيئي سگهي؟ ماڻهو من جو آهي...... ته پوءِ من جو گهر ڪٿي آهي؟ ..... اِهو ئي سوال آهي.


Contact Us:
+92-332-3895458


هوم پيج

 ڀليڪار
 تعارف
 ايڊيٽوريل
 ڪالم
 خبرون
 تصوير ڳالهائي ٿي
 سنڌ جو ڪيس
 تاريخ
ڪتاب
 ادب
مضمون
 ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر . . .
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
 مواد موڪليو


ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

معاون ايڊيٽرز:

عبدالعزيز منگريو
ديدار علي ڌاريجو

 


www.sundarhost.com

 

sindh,Pakistan,E-books,Free E-Books,
Library,Earn Money,اسلام، عورت، تصاوير,
islam,islamic books,urdu ,poetry,
urdu stories,urdu novels,urdu forum,
urdu cummunity,urdustan,urdupoint.com,
urduone.net,sindhi fonts,english fonts,
corel draw tutorial,Adobe Photoshop tutorials,SindhuDesh,Free Sindh,
bbcurdu.com,bbc urdu,tutorials,
urdupoint.com,urdu news,web designing,
webdesigning,urdu forum,make
your own website,website templates,easy to
make website,easy website,
free web designing,free web hosting,
rdu writers, Urdu Adab,urdu litrature,
indian litrature,history of india,
pakistan and india,war between
 pak & india,iraq war,Google adsense,earn money online,online banking,earn $,$$,

earn money, google, shadi,health,child,children,
insurance,Indian Music,apniisp,isp,domain name,web hosting,
marriage,student loans,scholarship,national songs,cia

science,technology,mobile,sms,indian sms,funny sms

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  editor@voiceofsindh.net