ڌرتـي
ختصر ترين ڪهاڻي)

                                                                 احسان دانش

MOB: 03003431374
ahsan_dsh@yahoo.com

باز دنيا جو چڪر لڳائي پنهنجي تيز ۽ تکين نظرن سان سڀ ڪجهه ڏسي ٿڪجي واپس انهيءَ بلند پهاڙي چوٽيءَ تي آيو جتي سندس ٻچا هن جو انتظار ڪري رهيا هيا. هڪ ڪمزور ٻچي ڪنڌ لوڏيندي کانئس پڇيو:

 ”بابا تو پنهنجي تيز نظرن سان هن دنيا ۾ ڇا ڇا ڏٺو؟“

باز چيو: ”مونکي خواهش هئي ته بلندين تان هن سڄي جهان کي پنهنجي تيز نگاهن سان چڱي طرح ڏسان، منهنجي اها خواهش ته پوري ٿي آهي پر مون هن دنيا کي ڏسي خوشيءَ بدران ڏک پرايو آهي.“

ٻئي ٻچي جيڪو ڪجهه چُست هيو کانئس فورن پڇيو: ”بابا سو وري ڪيئن؟“

باز جهيڻي آواز ۾ چيو ”منهنجا ٻچا هيءَ دنيا پري کان جيتري خوبصورت نظر اچي ٿي قريب کان غور سان ڏسندؤ ته اوتري ئي بدصورت آهي.“

سڀ کان ننڍڙي ٻچي آکيري جي ڪکن مان منڍي ڪڍي چيو ” ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي. “

باز پنهنجون تيز نگاهون اولهه طرف اُڇليون جتي سج ڌرتيء کان روشني کسي پهاڙن جي گود ۾ سمهي رهيو هو.

 ”منهنجا ٻچا مان ان آس ۾ ويو هوس ته هن دنيا جو حسن ۽ رنگيني پنهنجي اکين ۾ اوتي پنهنجي نور کي وڌائيندس، پر هن دنيا جي سڀ کان اُتم مخلوق کي جڏهن هڪ ٻئي جون سِسِيون لاهيندي، هڪ ٻئي مٿان بم وسائيندي ۽ خون جا درياءَ وهائيندي ڏٺم ته لڙڪ لڙي پيم ۽ پنهنجي اکين جي روشني جهڪي محسوس ڪيم، ۽ سوچيم ”هيء ته وحشي جانورن جي جاءِ آهي، هتي انسان ڪيئن ٿا رهن؟!“

باز هڪ نظر پنهنجي سڀني ٻچن تي وجهندي چيو ” منهنجا ٻچڙئو! توهان خوش نصيب آهيو جو ڌرتيءَ کان دور آهيو. توهان ڀاڳوند آهيو جو توهانکي اوچائين تي ئي شڪار ملي ٿو وڃي. ڪڏهن هن ڌرتيءَ جي ويجهو به نه وڃجو، ڇو ته اها ڌرتي دوزخ جو ٻرندڙ گولو آهي، جتي قدم قدم تي موت آجيان ٿو ڪري!!“



 

Contact Us:
+92-332-3895458


هوم پيج

 ڀليڪار
 تعارف
 ايڊيٽوريل
 ڪالم
 خبرون
 تصوير ڳالهائي ٿي
 سنڌ جو ڪيس
 تاريخ
ڪتاب
 ادب
مضمون
 ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر . . .
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
 مواد موڪليو


ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

معاون ايڊيٽرز:

عبدالعزيز منگريو
ديدار علي ڌاريجو

 


www.sundarhost.com

 

sindh,Pakistan,E-books,Free E-Books,
Library,Earn Money,اسلام، عورت، تصاوير,
islam,islamic books,urdu ,poetry,
urdu stories,urdu novels,urdu forum,
urdu cummunity,urdustan,urdupoint.com,
urduone.net,sindhi fonts,english fonts,
corel draw tutorial,Adobe Photoshop tutorials,SindhuDesh,Free Sindh,
bbcurdu.com,bbc urdu,tutorials,
urdupoint.com,urdu news,web designing,
webdesigning,urdu forum,make
your own website,website templates,easy to
make website,easy website,
free web designing,free web hosting,
rdu writers, Urdu Adab,urdu litrature,
indian litrature,history of india,
pakistan and india,war between
 pak & india,iraq war,Google adsense,earn money online,online banking,earn $,$$,

earn money, google, shadi,health,child,children,
insurance,Indian Music,apniisp,isp,domain name,web hosting,
marriage,student loans,scholarship,national songs,cia

science,technology,mobile,sms,indian sms,funny sms

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  editor@voiceofsindh.net