هڪ تاثر

” منهنجي امڙ “

نثارابڙو

 هڪ انگريزي ليک تان ورتل، سنڌي پڙهندڙن جي سهولت لاءِ ڪجھه نالن، ڪمن ۾ ردوبدل ڪندي  ڪجهه جملا پنهنجي پاران وجهي ڪهاڻيءَ کي  سنڌي رنگ ۾ رنگڻ جي ڪوشش ڪئي  آهي)

     ماءُ عظيم ڇو آهي؟  سندس قدمن ۾ جنت ڇو رکي وئي آهي؟ پيغمبرن، رسولن، مفڪرن ۽ ڏاهن ماءُ جي احترام کي مذهبي رتبو ڇو ڏنو آهي؟ ...

     اچو ته اڄ هڪ اهڙي پٽ جي ڪهاڻيءَ تي ويچار ڪريون جنهن پنهنجي ماءُ کي سندس لاءِ ڪئي ڪوڙ ڳالهائيندي محسوس ڪيو...

 1.      مون هڪ مسڪين ۽ غريب گھراڻي ۾ هوش سنڀاليو ... غربت ايتري جو ڪڏهن ڪڏهن کائڻ لاءِ ايترو به نه جو اسين سڀ کائي ڍئو ڪري سگھون ...  جڏهن کاڌي جو وقت ٿيندو هو ته امان پنهنجي ڀاڱي جا چانور به منهنجي ٿالهيءَ ۾ وجهي چوندي هئي؛

”منهنجا ٻچڙا هي چانور به تون کاءُ، مونکي بک ناهي“

             امڙ جو هي پهريون ڪوڙ هو ...

2.       آءُ جسماني طور وڌڻ لڳس، مونکي وڌيڪ طاقتور کاڌن جي ضرورت هئي ... ان ضرورت کي پوري ڪرڻ لاءِ امڙ پنهنجي گھر جي پوئين پاسي وهندڙ واهوندي ۾ وڃي مڇي ماري ايندي هئي ... پوءِ ان مڇيءَ کي چڱي طرح پچائي مونکي ڏيندي هئي ... جڏهن آءُ مڇي کائيندو هوس ته امڙ منهنجي ڀر ۾ ويهندي هئي ... مڇيءَ جي ڪنڊن سان لڳل ماس مون کان رهجي ويندو هو ته امڙ اهي ڪنڊا کڻي چوسيندي هئي ۽ انهن تي بچيل ماس مان مزو وٺندي هئي ... مونکي احساس ٿيو ته مون هڪ ثابت مڇي کڻي امڙ کي ڏني ته هوءَ کائي پر امڙ مڇي مان ماس پٽي منهنجي وات ۾ وجھندي چيو؛

” هيءَ مڇي تون کاءُ،  انجي توکي ضرورت آهي، مونکي مڇي اصل وڻي ئي ڪونه“

        امڙ جو هي ٻيو ڪوڙ هو ...

3.       آءُ جڏهن اسڪول ۾ داخل ٿيس ته منهنجي پڙهائيءَ لاءِ اوڌارن پئسن جي ضرورت پئي ته امڙ ڳوٺ وارن جا ڪپڙا سبڻ شروع ڪيا ۽ صبح شام ان ڪم ۾ مشغول رهندي هئي ته جيئن ڪجھه وڌيڪ پئسا ڪمائي سگھي ... هڪ سياري جي رات جو آءُ پڙهندي پڙهندي سمهي رهيس ... ڪجهه دير کانپوءِ اک کلي ته ڏسان امڙ اڃان ڏيئي جي روشنيءَ ۾ ڪپڙن جي  سلائيءَ ۾ لڳي پئي آهي ... مون کيس چيو ”امڙ اچ ننڊ ڪر، ڪافي دير ٿي وئي آهي، سڀاڻي وري ڪم ڪرڻو اٿي“ امڙ مسڪرائيندي جواب ڏنو؛

” منهنجا پيارا پٽ، تون سمهي رهه، آءُ اڃان ٿڪي ناهيان “

        امڙ جو هي ٽيون ڪوڙ هو ...

4.       پرائمري اسڪول جو آخري امتحان آيو ته امڙ  مونسان گڏجي اسڪول تائين ايندي هئي ۽ امتحاني پرچو ختم ٿيڻ تائين ٻاهر نٽهڻ اُسَ ۾ بيهي منهنجو انتظار ڪندي هئي ۽ جيئن ئي پرچي ختم ٿيڻ جو گھنڊ وڄندو هو ته ڀڄي اچي ڳراٺڙي پائي، پهريان سان تيار ٿيل شربت جو گلاس وڏي محبت سان ڏيندي هئي ته جيئن آءُ پي تازو ٿيان ... هڪ ڏينهن ان شربت جي گلاس مان ڪجھه بچائي مون امڙ کي موٽائي ڏنو ته هوءَ پڻ پيئي ... پر امڙ گلاس موٽائيندي وراڻيو؛

” تون پي ڇڏ پٽ، مونکي اڃ ناهي“

        امڙ جو هي چوٿون ڪوڙ هو ...

5.        بابا ڊگھي بيماري کانپوءِ گذاري ويو ته امڙ ويچاريءَ کي ٻئي مٿا سنڀالڻا پيا ۽ گھر جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ کيس وڌيڪ محنت ڪرڻي پئي ... اسانجا ڏينهن وڌيڪ ڏکيا ٿيڻ لڳا ۽ تڪليفون وڌڻ لڳيون ... اسانجي ڏکن تي ترس کائي گھر جي ڀرسان رهندڙ منهنجو چاچو ايندو هو ۽ اسانجي وس آهر مدد ۽ همدردي ڪندو هو ... پاڙي وارا پڻ ڪهل ڪري امڙ کي ٻي شادي ڪرڻ جي صلاح ڏيندا هئا ته کيس ڪو سهارو ۽ پيار ملي پوي پر امڙ منهنجي مٿي تي هٿ گھمائي هيئن چوندي هئي؛

” مونکي ڪنهنجي سهاري يا پيار جي ڪا ضرورت ناهي “

        امڙ جو هي پنجون ڪوڙ هو

6.       ڪاليج ختم ڪرڻ کانپوءِ مونکي شهر ۾ هڪ نوڪري ملي وئي ۽ امڙ به هاڻ اچي ڪراڙپ کي پهتي هئي پر تنهن هوندي به ٽافيون، بسڪٽ ۽ ٻاراڻا رانديڪا وٺي گھر جي ٻاهران وڻ جي ڇانوَ ۾ ويهي کپائي گذارو ڪندي هئي ... مونکي پگھار ملي ته کيس ڪجھه پئسا ڏياري موڪليا ته جيئن کيس ڪجھه آساني ٿئي ... پر امڙ پئسن سان گڏ اهو چوائي موڪليو ته؛

” مون وٽ پئسا آهن، ڳڻتي نه ڪر، اهي پئسا وڌيڪ پڙهائي تي خرچ ڪر “

        امڙ جو هي ڇهون ڪوڙ هو

7.       گريجيوئيشن ڪرڻ کانپوءِ مون ماسٽر ڪرڻ لاءِ هڪ اداري کان اسڪالرشپ  ورتي، مونکي پنهنجي شهر کان گھڻو پري هڪ بهترين يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ملي وئي، ماسٽر ڪرڻ کانپوءِ ان ئي اداري ۾ مونکي هڪ سٺي نوڪري ملي وئي جنهن ۾ سٺي پگھار سان گڏ رهائش، گاڏي ۽ ٻيون ضروري سهولتون پڻ ملي ويون ... مون پنهنجي ئي ڪلاس جي هڪ ڇوڪريءَ سان شادي پڻ ڪري ورتي ... خيال آيو ته ڇونه امڙ کي به شهر وٺي اچان ۽ کيس ڪجھه آرام جي زندگي ميسر ٿئي ... پر منهنجي پياري امڙ مونکي ڪا تڪليف ڏيڻ مناسب نه سمجهندي يا وري منهنجي ازدواجي زندگي ۾ ڪو خلل نه پوي واري خيال کان هي چئي انڪار ڪيو؛

” منهنجا سهڻا پٽ، آءُ وڏن شهرن ۾ رهڻ جي عادي ناهيان .. خوامخواه بيمار ٿي پوندس “

        امڙ جو هي ستون ڪوڙ هو...

8.       امڙ جي آخري عمر ۾ کيس ڪينسر جي بيماري ٿي پئي، جنهنڪري کيس اسپتال ۾ داخل ڪري مون ڏانهن نياپو ڪيو ويو، آءُ انهن ڏينهن ۾ سمنڊ پار هيس، امڙ جو ٻڌي تڪڙي جهاز ذريعي اچي پهتس، سندس حالت انتهائي نازڪ هئي ، ڪمزوري ايتري جي کائنس ڳالهايو نه ٿي ٿيو، تڪليف سندس همٿ ٽوڙي وڌي هئي ... ايتري جاندار ۽ همٿ واري عورت جي اهڙي حالت ڏسي منهنجي ڳلن تان ڳوڙها وهي نڪتا ... امڙ جي نظر منهنجن ڳوڙهن تي پئي ته هڪدم پاڻکي سنڀاليندي، پنهنجي سموري طاقت گڏ ڪندي... هڪ مسڪراهٽ منهن تي آڻيندي، منهنجي اکين سان اکيون ملائيندي چيائين؛

”نه روو منهنجا پيارا پٽ، ڪا تڪليف ناهي ۽ نه ئي ڪو سور آهي، آءُ ٺيڪ آهيان “

        امڙ جو هي اٺون ۽ آخري ڪوڙ هو ...


Contact Us:
+92-332-3895458


هوم پيج

 ڀليڪار
 تعارف
 ايڊيٽوريل
 ڪالم
 خبرون
 تصوير ڳالهائي ٿي
 سنڌ جو ڪيس
 تاريخ
ڪتاب
 ادب
مضمون
 ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر . . .
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
 مواد موڪليو


ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

معاون ايڊيٽرز:

عبدالعزيز منگريو
ديدار علي ڌاريجو

 


www.sundarhost.com

 

sindh,Pakistan,E-books,Free E-Books,
Library,Earn Money,اسلام، عورت، تصاوير,
islam,islamic books,urdu ,poetry,
urdu stories,urdu novels,urdu forum,
urdu cummunity,urdustan,urdupoint.com,
urduone.net,sindhi fonts,english fonts,
corel draw tutorial,Adobe Photoshop tutorials,SindhuDesh,Free Sindh,
bbcurdu.com,bbc urdu,tutorials,
urdupoint.com,urdu news,web designing,
webdesigning,urdu forum,make
your own website,website templates,easy to
make website,easy website,
free web designing,free web hosting,
rdu writers, Urdu Adab,urdu litrature,
indian litrature,history of india,
pakistan and india,war between
 pak & india,iraq war,Google adsense,earn money online,online banking,earn $,$$,

earn money, google, shadi,health,child,children,
insurance,Indian Music,apniisp,isp,domain name,web hosting,
marriage,student loans,scholarship,national songs,cia

science,technology,mobile,sms,indian sms,funny sms

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  editor@voiceofsindh.net