هڪ ڪالم جي سرخي

ــــــــــ بالاچ شاهاڻي

ٽاڪ منجهند مهل جنهن وقت ڪانون جي اک ٿي نڪتي. هوءَ حور پري جهڙي پوپري ٻهراڙي جي ماحول ۾ پلجندڙ ڳوٺ کان پرڀرو ٻني مان گاهه جي لوسڻ ڪرڻ وئي ته سج ان جي بدن تي ٻري رهيو هو. جسم سڄو پگهر ۾ شل، بدن مان ڀڙڪندڙ جواني جي باهه، ڏکڻ جي گهلندڙ گرم هوا، ڪچڙي وهي جيڪا اڃا جواني جي سرحدن کان به دور. من ۾ محبتون ۽ چاهتن جون چڻنگون اٿيل، پيرن جي ٽور ڊيل وانگر، هلي ٿي ته ڄڻ ڏسندڙن جو ساهه مٺ ۾ پئجيو وڃي. لوسڻ جي ڀري کڻندي ڳرو ڀاسيندي هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ لڳي پر ڪير به نظر نه آيس، سوچن جي سمنڊ ۾ غوطا کائڻ لڳي ته اوچتو ڀرسان ڪنهن اچي شوڪارو ڀريس وڏيري جو ڪمدار جنهن کي هر ڪو ” ڪرمو “ جي نالي سان پيو سڏيندو هو سندس ڀرسان بيٺو هو.

ها! ڇوري، ڏي خبر ڪهڙن سوچن ۾ گم آهين، ڪنهن يار جي يادگيري آئي  اٿئي ڇا؟

نه چاچا، اهڙي ڳالهه ڪانهي. اصل ۾ هي ڀري کڻي نه ٿي سگهان سوچيم ته ڪنهن کي سڏڪيان ته کڻائي.

پر ڇوري! مون کي چاچا نه چئو!

ڀلا ! ماما

نه ماما به نه.

ادي عارف جيڏو ته آهين، ادو چوانءِ نه؟

ڪمدار جي نيت صفا خراب ٿي.

ڀلا مان تنهنجي مدد ڪري سگهان ٿو.“

ها! ڇو نه، ؟

ڪمدار ڀري کڻائيندي سندس اڳٺ ۾ هٿ وڌا! هوءَ گهٻرائجي وئي، پر هي شيطان نه مڙيو. سٽ ڏئي پاڻ بچائي ورتائين. ڪرمو ايلاز ۽ منٿون ڪرڻ لڳس.

پر هماليا، ڪڏهن جهڪندو ناهي هوءَ خاموش سڏڪن کي پنهنجي نڙي ۾ دٻائي گهر آئي. دل ۾ سوچن جو سمنڊ اٿلي رهيو هوس ، عزت ۾ هٿ وجهڻ وارو سوال هن کان ننڊ کسي ورتي.

سوچيائين پئي ته امان کي ٻڌايان پر مون تي اعتماد ڪندي؟

ائين ته نه چوندي ڇوري! پاڻ وڃي ڪارو منهن ڪري آئين ۽ هاڻي وتين ٿي راڄن کي ويڙهائڻ! ڪيترائي سوال اڀرندا ۽ ذهن تي لهندا رهيس پر هوءَ ڪو به حتمي فيصلو ڪرڻ ۾ ناڪام وئي.

اهڙي ڪِريل حرڪت کانپوءِ هن گاهه پٽڻ کان نهڪار واري آيت پاڻ تي شوڪاري ڇڏي. ڪيترن ئي مهينن وهامي وڃڻ کانپوءِ نيٺ مائٽن جي گهڻي زور ڀرڻ تي لوسڻ لاءِ وئي. ساڳي ٻني، ساڳيو هنڌ، اهو ئي ڪرمو ڪڍ لڳيس. هن ڳالهائڻ نه چاهيو پر ڪرمو اڳرائي ڪري چيس ٻڌ! مون کان غلطي ٿي آئيندي ائين نه ٿيندو.

من ۾ مير نه هئس مير مان هوءِ ڇا ڄاڻي، اڃا ته گلشن ۾ گل ئي نه ٽڙيا هئا. گلاب جي خوشبوءِ رڳو سنگهڻ لاءِ هوندي آهي پر جي ان کي پٽي ڇڏجي ته خوشبوءِ نه رهندي آهي.هن ڪرمو سان ڪڇڻ بنا هليو وئي ٻني ڏانهن پر هو ڪتي وانگر ڪڍ پيس اوچتو ڪنهن پويان ٻک وڌس ڪمند جي فصل ۾ هرڻي جي ٻچي کي ڄڻ شڪاري ڪيرائي وڌو هجي. هن رڙيون ڪيون پر وات بند. ڪرمو ڪتي وانگر چڙهي ويس بخملي بدن تي رانڀاٽن جا نشان، نرڙ تان رت جو ٽمڻ، ڪو صبر نه.سهڪو، سڏڪا، نه آسمان لرزيو نه وري ڌرتي ڌٻي. ڪرمو پنهنجو ڪارو منهن ته ڪيو پر هن ويچاري جو ان کان اڳ ساهه جي تند موڪلائي وئي. ڏاڍو پڇتاءَ ٿيس نياڻي جيڏي سان، پاڻ کي ٻاهر معتبر سمجهڻ وارو ڪرمو اندر جو پليد نڪتو. نيٺ ڏوهه کي لڪائڻ لاءِ ڪمند جي فصل ۾ هن جو لاش اڇلائي پاڻ نڪري ويو.

غريب جي نياڻي جو ڪيس نه فرياد.انڪوائري نه ٽيمون جڙيون، نه ڪنهن ڪرائيم تي زور ڏنو. سواءِ صبح جي اخبارن ۾ پڙهندڙن کي هڪ ڪالم جي سرخي ملي ته ڳوٺ جي ڪمند واري فصل ڀرسان نوجوان ڇوڪري جو  پوليس کي تشدد ٿيل  لاش مليو.


Contact Us:
+92-332-3895458


هوم پيج

 ڀليڪار
 تعارف
 ايڊيٽوريل
 ڪالم
 خبرون
 تصوير ڳالهائي ٿي
 سنڌ جو ڪيس
 تاريخ
ڪتاب
 ادب
مضمون
 ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر . . .
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
 مواد موڪليو


ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

معاون ايڊيٽرز:

عبدالعزيز منگريو
ديدار علي ڌاريجو

 


www.sundarhost.com

 

sindh,Pakistan,E-books,Free E-Books,
Library,Earn Money,اسلام، عورت، تصاوير,
islam,islamic books,urdu ,poetry,
urdu stories,urdu novels,urdu forum,
urdu cummunity,urdustan,urdupoint.com,
urduone.net,sindhi fonts,english fonts,
corel draw tutorial,Adobe Photoshop tutorials,SindhuDesh,Free Sindh,
bbcurdu.com,bbc urdu,tutorials,
urdupoint.com,urdu news,web designing,
webdesigning,urdu forum,make
your own website,website templates,easy to
make website,easy website,
free web designing,free web hosting,
rdu writers, Urdu Adab,urdu litrature,
indian litrature,history of india,
pakistan and india,war between
 pak & india,iraq war,Google adsense,earn money online,online banking,earn $,$$,

earn money, google, shadi,health,child,children,
insurance,Indian Music,apniisp,isp,domain name,web hosting,
marriage,student loans,scholarship,national songs,cia

science,technology,mobile,sms,indian sms,funny sms

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  editor@voiceofsindh.net