معلومات

هتي اسان سوالن ۽ جوابن جي صورت ۾ انهن ڳالهين ۽ مسئلن جا حل پيش ڪيا آهن، جيڪي گھڻو ڪري توهان جي ذهنن تي اُڀريا هوندا.

آئون پنهنجي ويب سائيٽ ڪيئن ٺهرائيندس؟
   
توهان پنهنجي ويب سائيٽ لاءِ رجسٽريشن فارم ڀري پوءِ مني آرڊر موڪليندا. جنهن کان پوءِ توهان جي ويب سائيٽ جو ڪم جاري ڪيو ويندو. توهان کي توهانجي ويب سائيٽ ۾ جيڪو ڊيٽا شامل ڪرڻو آهي، اُهو توهان کي موڪلڻو پوندو.

ڇا توهان صرف ويب پيجز ڊيزائن ڪري ڏيندا يا اُهي اپ لوڊ به ڪري ڏيندا؟
    
جيڪڏهن توهان پنهنجي طور تي ويب سائيٽ کي پبلش ڪرڻ چاهيو ٿا ته پوءِ اسين توهان کي ويب سائيٽ ڊيزائن ڪري موڪلي ڏينداسين. پوءِ توهان پاڻهي اُنهي کي اپ لوڊ ڪندا. البت جيڪڏهن توهان کي اپ لوڊنگ وغيره ڪونه ٿي اچي ته اسين بلڪل توهان کي ويب سائيٽ اپ لوڊ ڪري ڏينداسين.

آئون ويب سائيٽ جو ڊيٽا ڪئين موڪليندس؟
    توهان ويب سائيٽ جو ڊيٽا مائيڪروسافٽ ورڊ ۾ لکي بذريعه اي ميل موڪلي سگھو ٿا. انهيءَ جي علاوه توهان پنن تي لکي بذريعه پوسٽ به موڪلي سگھو ٿا. اسان جي اي ميل ايڊريس آهي: voiceofsindh12@yahoo.com

پنهنجا پئسا ڪهڙي نموني سان موڪليان؟
    پئسا موڪلڻ کان پهريائين تفصيلات جي لاءِ اي ميل ايڊريس تي رابطو ڪندا.

پئسا موڪلڻ کان پوءِ ڪيترن ڏينهن ۾ منهنجي ويب سائيٽ تيار ٿي ويندي؟
    پئسا موڪلڻ کان پوءِ تقريبن هفتي اندر توهان جي ويب سائيٽ تيار ٿي ويندي.

آئون سنڌي ادبي ويب سائيٽ ٺاهڻ چاهيان ٿو. ڇا ان جي لاءِ ڪا رعايت ٿيندي؟
    جي ها! انهيءَ جي لاءِ توهان کي اسان سان رابطو ڪرڻو پوندو.


 

URDU language 

Back to Home page

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 ©2004-2006 Voice of Sindh Online Network:  www.voiceofsindh.net